سکر: سکر ضلعي ۾ پيپلز پارٽيءَ اندر ٽي سگھاريون ڌريون اڳوڻو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ موجودا آبي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ، اڳوڻو سينيٽر اسلام الدين شيخ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽيز توڙي ٽائون ڪاميٽيز جي اھم عھدن تي پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم آھن، عام چونڊن توڙي بلدياتي چونڊن ۾ خورشيد شاھ ۽ اسلام الدين شيخ وچ ۾ پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ تي اختلافن جو ڳالھيون پڻ گردش ڪنديون رھنديون آھن پر مختلف وقتن تي ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ گڏ ويھي اُنھن افواھن جي ترديد بہ ڪئي آھي.