ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته خلا ۾ موجود هڪ بليڪ هول تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ اهو هڪ ڏينهن ۾ سج جيترو وڏو ٿي رهيو آهي.آسٽريليا جي نيشنل يونيورسٽي جي ماهرن جي تحقيق موجب ڪائنات ۾ موجود سڀ کان وڏي بليڪ هول ابيل – 85 جي سائز سج کان 40 ارب ڀيرا وڏي آهي، جڏهن ته J2157 نالي بليڪ هول سج کان 34 ارب ڀيرا وڏو آهي.ماهرن موجب اهو بليڪ هول تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ روز اسان جي سج جيترو وڌندو پيو وڃي، جڏهن ته اهو گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڏو ٿي ويو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بليڪ هول جي بُک ائين کي جاري رهي، مطلب اهو تيزيءَ سان پکڙجندو رهيو ته اسان جي ڪهڪشان ۾ موجود ٻه ڀاڱي ٽي ستارن کي کائي ويندو.