خان جو گهر، ناراض جنرل ۽ انتشار جو شڪار پاڪستان

0
174
خان جو گهر، ناراض جنرل ۽ انتشار جو شڪار پاڪستان

لاهور شهر جو شاندار سرسبز زمان پارڪ وارو علائقو هاڻي ايترو پُرسڪون ناهي رهيو. ان جي اندر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه هڪ سياسي قلعو بڻجي چڪي آهي، جتان کان هو هن حڪومت ۽ ملڪ جي طاقتور ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي اعليٰ آفيسرن سان مهاڏو اٽڪائي بيٺل آهي.

1992ع ۾ جڏهن خان پنهنجي ڪپتاني ۾ پاڪستان لاءِ تاريخي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو هو ته هزارين چاهيندڙن ان کي گهيري ورتو هو. هي گهر ان وقت به تمام گهڻي ڌيان جو مرڪز بڻيو هو. جڏهن خان جمائما گولڊ اسمٿ سان شادي ڪئي ۽ ان کي پاڪستان وٺي آيو، ٻنهي ۾ ٿيل طلاق کان اڳ انهن ڪيترائي سال هتي گذاريا. جڏهن خان هڪ خيراتي مهم هلائي ۽ ڪينسر اسپتال ٺاهي ته هن گهر ۾ ماڻهو قطارون ٺاهي ايندي ڏٺا ويا ۽ پوءِ جڏهن هڪ وڏي سياسي پارٽيءَ جي شروعات ڪئي ته ان وقت هتي گڏ ٿيندڙ هجوم وڌيڪ وڏا ٿي ويا، جن کيس هڪ ڪرڪيٽ اسٽار مان سياستدان بڻجندي ڏٺو ۽ هاڻي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڇاپن جي ڪوششن ۽ ان جي گهر تي درجنين پوليس اهلڪارن جي گهيري ۽ ان ڏانهن ويندڙ سمورن رستن جي بندش واري صورتحال ۾ هاڻي جڏهن خان کي پنهنجي گرفتاري جو خدشو آهي، ان وقت ميڊيا جون گاڏيون لائيو ڪيمرائن سان ڏينهن رات هتي موجود آهن، ان توقع سان ته ڪجهه اهم گهڙيون ڪيمرا ۾ محفوظ ڪري سگهجن.

کيس 9 مئي تي اسلام آباد ۾ عدالت جي احاطي اندران نيم فوجي دستن طرفان بدعنواني جي الزام ۾ ڊرامائي گرفتاري کي منهن ڏيڻو پيو پر عدالتي حڪمن تي کيس آزاد ڪيو ويو. سندس گرفتاري تي وڏي پيماني تي پرتشدد احتجاجن جنم ورتو ۽ ان جي حامين تي لاهور ۾ هڪ اعليٰ فوجي ڪمانڊر جي رهائشگاهه ساڙڻ، فوجي تنصيبات تي حملي، ڀڃ ڍاهه ۽ باهين لڳائڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي. پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير فوجي تنصيبات تي تازن حملن کي ناقابل برداشت قرار ڏنو آهي. ڪاوڙيل فوج خان جي مخالف اتحادي حڪومت سان گڏجي اعلان ڪيو آهي ته حملن جي جوابدارن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا. فوجي عدالتن ۾ عام شهرين خلاف ڪيس عالمي قانونن جي خلاف آهن ۽ ان فيصلي جي وڏي پيماني تي مذمت ڪئي وئي آهي. هڪ نامياري پاڪستاني صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس جو چوڻ آهي ته فوجي جنرل ناراض آهن ۽ خان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي سڀ کان مشڪل جنگ وڙهي رهيو آهي.

گذريل سال اقتدار مان بي دخل ڪرڻ کانپوءِ خان جي مقبوليت ۾ واڌارو آيو. فوج سان ڇڪتاڻ وڌڻ جي باوجود ان جي احتجاجي مظاهرن وڏي پيماني تي هجوم کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. فوج سان ان جي ڇڪتاڻ ان وقت پهريون ڀيرو پڌري ٿي، جڏهن هن ان وقت جي آرمي چيف جنرل باجوه جي طرفان آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض جي ٽرانسفر ۽ ڪنهن ٻئي کي ان عهدي تي آڻڻ وارين ڪوششن جي مزاحمت ڪئي. خان نه صرف تبديلي جي مخالفت ڪئي پر اهو پڻ چيو ته آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ ان جو صوابديدي اختيار آهي. ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ هو پنهنجي وزارتِ عظميٰ کان هٿ ڌوئي ويٺو. پاڪستان جي هيٺائين مٿائين واري سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به چونڊيل وزيراعظم پنجن سالن جو مدو پورو نه ڪيو.

خان جي اقتدار ۾ اچڻ جي باري ۾ وڏي پيماني تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هو 2018ع ۾ فوج جي تيار ڪيل منصوبي تحت ان منصب تي پهتو ۽ اسٽيبلشمنٽ ۽ خان جي قيادت ۾ حڪومت ۾ غيرمعمولي يڪجهتي ۽ افهام ۽ تفهيم جي حوالي سان هڪ پيج تي هجڻ وارو جملو سياسي حلقن ۾ گونجندو رهيو پر اقتدار مان نڪرڻ کانپوءِ خان تڏهوڪي فوجي سربراهه جنرل باجوه تي سخت تنقيد ڪرڻ لڳو آهي ۽ ان جنرل تي پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جو الزام پڻ مڙهيو آهي، جنهن جي فوج ترديد ڪئي آهي. خان وري گذريل سال نومبر ۾ آءِ ايس آءِ جي انٽيليجنس جي هڪ سينئر عهديدار تي پنهنجي قتل جي ڪوشش جو الزام لڳايو، هن انٽيليجنس آفيسرن کي الزامن جو نشانو بڻايو. انهن تي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي جو الزام مڙهيندي کين “ڊرٽي هيري” ۽ “مسٽر ايڪس” قرار ڏنو. تازن واقعن ۾ خان موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير تي پنهنجي گرفتاري جو سڌي ريت الزام هنيو. فوج ان الزام جي سختي سان ترديد ڪئي. پنهنجي آزاد کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران عمران خان سان اهو بيان منسوب ڪيو ويو ته “اها فوج هئي جنهن مونکي اغوا ڪيو هو، آرمي چيف جي اجازت کانسواءِ ڪجهه به ناهي ٿيندو. ان ئي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو”. اهڙي طرح الزامن ۽ مبينه طور پنهنجي حامين طرفان فوجي تنصيبات جي پيش نظر خان هاڻي فوج سان اٽڪيل آهي. عمران ان معاملي تي آرمي چيف سان تڪرار جي طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ، اٽلانٽڪ ڪونسل جو هڪ مُک رڪن ۽ ليکڪ شجاع نواز چوي ٿو ته، “اها هڪ خطرناڪ اٽڪل آهي”. ان جو چوڻ آهي ته، “ خان ممڪنه طور تي مختصر مدي ۾ ان جي (جنرل عاصم منير جي) طاقت جو غلط اندازو لڳايو ۽ فوج ۾ خان نواز عنصرن جو فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو”. شجاع نواز جو چوڻ آهي ته فوجي سربراهه اندروني انتشار کي عوام جي نگاهن ۾ اچڻ نه ڏنو. ان سلسلي ۾ ان جو دليل اهو آهي ته مثال طور ڪنهن کي به خبر ناهي ته لاهور جي ڪور ڪمانڊر سان ڇا ٿيو (جنهن جو گهر مڇريل هجوم ساڙي ڇڏيو هو).

هاڻي عمران خان کي ڪرپشن کان وٺي دهشتگردي ۽ توهينِ مذهب تائين جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن جي باري ۾ سندس چوڻ آهي ته انهن جي پويان سياسي محرڪ قوتون آهن. سندس دعويٰ آهي ته ان جا ڏهه هزار کن ڪارڪن ۽ حامي قيد ۾ آهن ۽ سندس پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس ويجها ساٿي ۽ پارٽي اڳواڻ پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. خان انهن علحيدگين کي “جبري طلاق” قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن کي زبردستي ڌار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت 9 مئي جي پرتشدد واقعن تي پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهڻ لاءِ ويچاري رهي آهي.

تجزيه ڪار مظهر عباس جو چوڻ آهي ته خان جي پارٽي خلاف وٺ پڪڙ دوران هڪ سياسي جماعت کان علحيدگي، بيوفائي يا ان تي پابندي پاڪستان جي سياسي ٿيٽر تي هڪ پراڻي اسڪرپٽ سان هڪ نئين فلم جي مترادف آهي. اسان سياسي پارٽين خلاف اهڙا ئي هربا فوجي حڪومتن ۽ ايتري قدر جو چونڊيل حڪومتن دوران به ڏٺا آهن. انهن جو اثر مختصر مدي لاءِ هوندو آهي پر ڊگهي عرصي لاءِ ان جو ابتو نتيجو نڪرندو آهي. خان پارٽي صفن کي بچائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ فوج جي اندر ان جي حمايت گهٽجندي نظر اچي رهي آهي.

واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ USIP جي هڪ سينئر ماهر اسفند يار مير جو چوڻ آهي ته خان جي حامين طرفان فوجي تنصيبات تي حملن جي ڪري فوج اندر پريشاني جو گهرو احساس آهي. خان جو چوڻ آهي ته پرتشدد حملن ۾ ان جي ڪارڪنن جي ملوث هجڻ جا الزام منظم پروپيگنڊا آهي، جيڪا ان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي سازس جو حصو آهي. ان کانپوءِ هو چوندو رهيو ته اسٽيبلشمينٽ سندس ڪو به اختلاف ڪونهي. هو دعويٰ ٿو ڪري ته اهو پي ڊي ايم، جيڪو فوج ۽ منهنجي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسفند يار مير جو چوڻ آهي ته عمران خان هينئر بيڪ فٽ تي آهي، جڏهن ته شروع ۾ ايئن ٿي لڳو ته خان پنهنجي مقبوليت ۽ ان جي ڪري فائدي ۾ آهي جو اسٽيبلشمنٽ اندر ان کي منهن ڏيڻ جي طريقي تي اختلاف آهن. اسفند يار مير جو چوڻ آهي ته اڳتي هلي فوج جي اشرافيه جي نيٽورڪس ۾ خان جي حمايت غير فعال يا ائين چئجي ته گهٽجي پڻ سگهي ٿي. اسفند يار مير جو چوڻ آهي ته ان کان وڏو سوال هي آهي ته ڇا فوج پنهنجي ان عوامي حمايت کي مڪمل طور تي بحال ڪري سگهي ٿي جيڪا کيس روايتي طور تي حاصل هئي، جنهن کي ان گذريل سال خان جي سياسي حملن جي ڪري وڃائي ڇڏيو هو.

ملڪ جي سياسي هيٺ مٿاهين جي تاريخ جي باوجود موجوده سياسي تفريق جو هن کان اڳ ڪو به مثال موجود ناهي. خان حڪمران اتحاد سان مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ کي ڪٺ پتلي چيو آهي ۽ ان جي اعليٰ قيادت سان ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته عدليه ملڪ جو واحد تعريف جوڳو ادارو آهي.

ٻي طرف شريفن جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ حڪمران اتحاد عوامي طور تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪردار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي ۽ ان تي خان جي لاءِ “نرم گوشو” رکڻ جو الزام هڻندو رهيو آهي. حڪومتي وزير قانونسازيءَ ذريعي ان جا اختيار گهٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا، جنهن تي بحث مباحثو جاري آهي. ماضي جي ابتڙ جڏهن يا ته چيف جسٽس، آرمي چيف يا وزيراعظم يا صدر مداخلت ڪئي ۽ ڪنهن سرچاءَ کي ممڪن بڻايو ان شدت جي تفريق ٽياڪڙيءَ جي امڪان ۾ رڪاوٽ وجهندي آهي.

سياسي عدم استحڪام، ايٽمي هٿيارن سان ليس پاڪستان جي ڪمزور معيشت کي وڌيڪ بدتر بڻائي رهيو آهي. گهٽجندڙ پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻن جي ذخيرن، وڌندڙ قرضن ۽ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رڪارڊ گهٽتائي، وڌندڙ وياج جي شرح، عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ افراط زر جي بلند شرح جي وچ سير ۾ ڦاٿل ملڪ پاڻ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ عمران خان ان صورتحال کي پنهنجي واپسي جي هڪ موقعي جي طور تي ڏسي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جو اڪيلو مطالبو اهو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪي هن سال جي آڪٽوبر ۾ ٿيڻيون آهن. هو دعويٰ ڪري ٿوته اهي اسانجي پارٽي جي مقبوليت کان ڊڄي ويا آهن، ڇو ته اسان چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪنداسين، انڪري ئي اهي چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهين پر سوال اهو آهي ته ڇا خان جلد اقتدار ۾ واپس اچي سگهي ٿو. تجزيه نگار شجاع نواز جو چوڻ آهي ته هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نٿيون سمائجي سگهن. اهو اصول عمران خان جي (آرمي چيف) جنرل عاصم منير سان ٽڪراءُ تي لاڳو ٿئي ٿو.

هيڏانهن لاهور واري پنهنجي گهر ۾ خان عدالتي ڪيسن ۾ الجهيل آهي ۽ پنهنجي روزاني پوڊڪاسٽ ۽ انٽرويوز جي تياري ڪري ٿو. هو ٻيهر گرفتاري ۽ ايتري قدر جو پنهنجي زندگي جي حوالي سان پڻ خدشن جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته 22 ڪروڙ قوم افراتفريءَ ۾ مبتلا آهي.