جذباتي نوجوان، ون ويلنگ ۽ روڊ حادثا

0
119
جذباتي نوجوان، ون ويلنگ ۽ روڊ حادثا

موٽر سائيڪل يا بائيڪ کي ٻهراڙيءَ جي عام ٻوليءَ ۾ ڦٽڦٽيو يا ڦٽڦٽي به چئبو آهي. ڦٽڦٽيو ٻن ڦيٿن واري سَستِي ۽ آسان سواري آهي. شهر مان سامان سيڌو وٺڻو هجي، ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي اچڻو هجي، يا ڪٿي شادي غميءَ وغيره ۾ شريڪ ٿيڻو هجي، ته ڦٽڦٽيءَ تي چڙهي،  آسانيءَ سان پهچي سگھجي ٿو. روڊ رستو خراب هجي، صرف پير چارو هوندو، تڏهن به ڦٽڦٽي سوار پنهنجي منزل تي پهچي ويندو. ڦٽڦٽي هلائيندڙ هڪ ڄڻو هجي، توڙي ٻيلھ ٽيلھ هجن، تڏهن به ڦٽڦٽي ڪم اچي سگھي ٿي. ٻهراڙين جا مسڪين مارو ماڻهو ٻارين ٻچين، برادري جي شادي ڀتن، فوتگين يا علاج معالج لاءِ اسپتالن تائين ترت پهچي وڃن ٿا. اسان جو ديس دنيا جي غريب ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڪري عوام وٽ ڦٽڦٽيءَ جهڙي سَستي سواريءَ جو هجڻ، غنيمت کان گھٽ ڪونهي. اوهان ٻاهرين سُڌريل ملڪن ۾ ويندا، ته اتي موٽر سائيڪلون بنهه گهٽ نظر اينديون. هر ڪنهن وٽ پنهنجي گاڏي، ڪار، جيپ يا وين وغيره هوندي. غريب ملڪن ۾ موٽر سائيڪلون گھڻي کان گھڻيون، بلڪه بي تحاشا استعمال ٿين ٿيون.

هي ڳالھ منهنجي مشاهدي مان گذري آهي، ته وڏي ڄمار وارو بزرگ ماڻهو، يا موٽو (ٿلھو) ماڻهو ڦٽڦٽي هميشه آهستي آهستي هلائيندو آهي. اهو پنهنجي منزل تي پنج منٽ دير سان، پر خير سان پهچندو آهي. ڦٽڦٽي هلائڻ لاءِ ڌيرج، حوصلو، سهپ، صبر ۽ تحمل نهايت ضروري آهي، پر هن جديد دور ۾، هر ڪنهن کي تڪڙ آهي. جلد بازي، اُٻهرائي ۽ بي صبري اسان کي تمام گھڻو نقصان پهچايو آهي. انهيءَ تڙ تڪڙ ڪيترائي خاندان تباھ ڪيا آهن. خاص ڪري نوجوان طبقو، موٽرسائيڪل آهستي نٿو هلائي، جنهن جو ڀيانڪ نتيجو ايڪسيڊنٽ جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. ويھ سال يا ان کان ننڍي عمر وارا نوجوان، جڏهن موٽرسائيڪل هلائين ٿا، ته ڄڻ هوائي جهاز تي پيا وڃن. موٽرسائيڪل جا ٽائر زمين تي ڪو نه لڳندا. گوليءَ جي رفتار سان پيا ويندا. ننڍڙا نوجوان جڏهن موٽرسائيڪل تي چڙهي، مُٺ ڀِيڙيندا آهن، ته انهن کي ڏسي، مون کي سخت افسوس ٿيندو آهي. هو موت کي سڏ ڪندا ويندا آهن. ‘ون ويلنگ’ وارو رونشو، ان جو چٽو ثبوت آهي. اهڙن نوجوانن ۽ ٻارڙن ۾، گھڻائي وري انهن جي هوندي آهي، جيڪي جسماني طور تي ڪمزور، ڪنگلا، سُوتلِي، سَنهڙا ۽ سِيپڪڙا هوندا آهن. موٽرسائيڪل هلائيندڙ نوجوان، عمر ۾ ننڍڙا، ٿڪلڙا ۽ سُڪل هجن، ته سمجھو اهي گوليءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. گولي گُسِي ويندي، پر هي ڪو نه گُسندا. اهڙن کي پري کان ايندي ڏسي، اوهان فورن روڊ جي هڪڙي پاسي کان بيهي رهو. اوهان پنهنجو پاڻ بچايو. ٻيو اوهان جو خيال قطعي ڪو نه ڪندو. موٽرسائيڪل هلائيندڙ هر اهو نوجوان، جيڪو قد بُت ۾ سَنهڙو، سِيپڪڙو، سُوتلِي، کِرڳلِي ۽ تند هجي، ته اهو موٽرسائيڪل هلائڻ مهل، نه فقط معاشري لاءِ خطرناڪ آهي، بلڪه پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ به موت جو پيغام آهي. هيڪر بچي ويو، پر ٻيهر ڪو نه بچندو. ان جي اسپيڊ کي ڏسي، عزرائيل به انتظار ڪندو آهي، ته هي اِجھو ٿو پاڻ مون ڏانهن اچي. اهڙو اُٻهرو نوجوان پاڻ ته ايڪسيڊنٽ ۾ هليو ويندو آهي، پر پويان ماءُ پيءُ لاءِ به افسوس، ارمان، ڏک ڇڏي ويندو آهي. اهڙا اُٻهرا نوجوان، اڪثر ڪري روڊ جي هڪڙي پاسي کان بيٺل سواريءَ سان به ٽڪرائجي ويندا آهن. پوءِ ڏوھ هوندو آهي وڏي سواري واري جو، ڇو جو اهو بيٺل ڇو هو؟ اهڙن نوجوانن تي، مِٽن، مائٽن، عزيزن، قريبن، پوڙهن، پڪن، با ادب بزرگن يا يارن دوستن جي نصيحت اثر نه ڪندي آهي. جيئن پٿر جو روڙو سئو سال پاڻيءَ ۾ پيو هجي، تڏهن به ان ۾ پاڻي داخل ناهي ٿيندو، تيئن موٽرسائيڪل هلائيندڙ نوجوان جي عقل ۾، آهستي آهستي يا صبر سان هلائڻ واري نصيحت قطعي داخل ناهي ٿيندي. صرف حادثو، دوکو ۽ نقصان ئي ان کي سيکاري سگھي ٿو. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو، شايد شيخ اياز ئي ڪٿي لکيو هو ته، “افسوس! ڦاسي کائڻ جو تجربو، ڪو به ماڻهو ڪتاب ۾ لکي ناهي سگھيو.” انهيءَ ڳالھ وانگر، آئون به چوان ٿو ته “افسوس! موٽرسائيڪل ايڪسيڊنٽ ۾ مري وڃڻ جو تجربو، ڪو به نوجوان بيان ڪري ناهي سگھيو.” نه ته اهڙن المناڪ، خطرناڪ، خوفناڪ، هولناڪ ۽ ڀيانڪ حادثن کان شايد بچي سگھجي ها. جيڪڏهن حادثي ۾ ڪنهن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڄي پيون، پاڻ مري وڃڻ کان بچي ويو، ته معذوريءَ واري حالت ۾، ساري ڄمار ٻين کي ڏس ڏيندو رهندو. اگر هڪڙي ئي ڌڪ ۾ هليو ويو، ته پوءِ انهيءَ کي چئبو آهي “جيڪا رضا رب جي.” شاھ صاحب فرمايو آهي، “صَبُر وَڏو سَتُ، سِگھا ميڙي سُپرِين”. البته انسان صبر سکيو ئي ناهي. جنهن جو نتيجو اسان جي اکين اڳيان هر روز بيٺو آهي. مون جتي جتي به آمهون سامهون ٿيندڙ موٽرسائيڪل جو ايڪسيڊنٽ ڏٺو آهي يا ٻُڌو آهي ته ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، نوجوان هلائيندڙ جو ڏوهه ضرور هوندو آهي.

هاڻي اچون ٿا “ڦٽڦٽي اخلاقيات” واري مسئلي تي. شهرن ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙن جي حالت اها هوندي آهي ته اهي جتي به بريڪ هڻندا ته پنهنجي موٽرسائيڪل کي اُتي جو اُتي، روڊ جي پوري وچ تي ڇڏي، پاڻ لهي هليا ويندا. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين سواريون بيهي وينديون، پر پاڻ دڪان تي خريداري پيا ڪندا يا ڪنهن سيلون تي وار ويٺا ٺهرائيندا. مجال آهي جو پنهنجي سواريءَ کي روڊ جي هڪڙي پاسي، پري ڪري بيهاري وڃن. جڏهن قانون جي حڪمرانيءَ جو خوف ختم ٿي ويندو آهي، تڏهن اخلاقيات به دم ٽوڙي ويندي آهي. اسان جو معاشرو انهن ٻنهي ڪمزورين ۾ خود ڪفيل آهي. نه ڪو اسان وٽ قانون جي احترام جو ڪو وجود آهي ۽ نه ڪو ئي اخلاقيات جو ڪو وکر باقي بچيو آهي. هن وقت ٻهراڙين جا مسڪين مارو ماڻهو، گھڻي کان گھڻا موٽرسائيڪل تي سفر ڪن ٿا، ته اهي به ايڪسيڊنٽ جو شڪار ٿين ٿا. اها ڳالھ مشاهدي مان گذري آهي، ته اهڙا ناتجربيڪار ماڻهو، ٻارين ٻچين موٽرسائيڪل تي روڊ جو وچ جھليو پيا ويندا. پويان ايندڙ سواري هارن ڏيندي، ته يڪدم هڪڙي پاسي گُهت هڻندا. اڪثر ٻارين ٻچين ويندڙ موٽرسائيڪل سوار، اڳيان بيٺل ٽرڪن جي هيٺان هليا ٿا وڃن. گُهتون هڻڻ جو رواج شهري ماڻهن ۾ به تمام گھڻو آهي. شهر ۾ ٿورڙي ٽرئفڪ جام ٿيندي، ته نوجوان رانگ سائيڊن کان پيا گُهتون هڻندا ۽ جلدي نڪرڻ جي ڪوشش ۾، موٽر ڪارن رهڙون ڏيندا. گھڻو ڪري شهرن جي گهٽين مان وڏي اسپيڊ سان اوچتو نڪرندا ۽ اڳيان ايندڙ گاڏيءَ کي ڊز ٿي ويندا. پوءِ سمورو ڏوھ گاڏيءَ واري جو هوندو، ڇو جو موٽرسائيڪل ننڍي آهي ۽ گاڏي وڏي هوندي آهي.

ضرورت هن ڳالھ جي آهي، ته ننڍي ٻار کي موٽرسائيڪل هلائڻ لاءِ هرگز نه ڏجي. نوجوان تڙ تڪڙ ۽ تيزيءَ کان قطعي ڪم نه وٺن. ٻهراڙين جا مسڪين مارو ماڻهو، موٽرسائيڪل تي ٻارين ٻچين وڃن ٿا ته روڊ جي پاسي پاسي کان، آرام آرام ۽ صبر صبر سان سفر ڪن. قانون جي احترام ۽ اخلاقيات ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي آهي.

[email protected]