خانپور (رپورٽ: صفي الله سيٺار) خانپور ويجھو ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان ڪمالاڻي ۽ عطراڻي جتوئين جي ڌرين وچ ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب جتوئي ۾ عطراڻي، ڪمالاڻي جتوئين جي ڌرين وچ ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان غلام رسول عطراڻي جتوئي قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال خانپور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. رستم پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمالاڻي عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آھي، جنھن ۾ فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آهي، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت چڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. واضح رهي ته ڌرين ۾ هلندڙ جھيڙي ۾ هن وقت تائين 2 عورتن سميت 17 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.