حيدرآباد: ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي علاج لاءِ لاڳاپيل اسپتالن جي انتظاميا پاران علاج لاءِ کانئن رقم وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، لطيف آباد نمبر 8 جي اڪبري مسجد ڀرسان 22 جولاءِ عيد جي ٻئي ڏينهن بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪي بعد باهه لڳڻ واري واقعي ۾ محمد شاهه رخ ۽ وسيم نالي نوجوان به زخمي ٿيا هئا، ٻنهي زخمين جي وارثن پنهنجي آڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته جناح اسپتال ۾ سهي علاج نه پئي ڪيو ويو، جنهن بعد انهن محمد شاهه رخ ۽ محمد وسيم کي پٽيل اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو آهي، جتي انتظاميا علاج لاءِ کانئن رقم جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد انهن هزارين رپيا اسپتال جي انتظاميا کي ڏنا آهن پر اڃا به انتظاميا کانئن رقم جمع ڪرائڻ جو مطالبو پئي ڪري، وارثن موجب ته هو زخمين جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن پاران لکيل دوائون به ٻاهران ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته متاثر ۽ غريب هئڻ سبب هاڻي وٽن رقم نه آهي جو هو زخمين جو علاج ڪرائي سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار توڙي حيسڪو جي انتظاميا سندن زخمي نوجوانن جي علاج لاءِ اسپتال ۾ رقم جمع ڪرائي ته جيئن زخمين جو بهتر علاج ٿي سگهي.