حيدرآباد: حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ 22 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق، ڊپٽي ڪمشنر پاران ٽرانسفارمر جي لوڪل ورڪشاپ مان مرمت ڪرائڻ جو انڪشاف، حيسڪو جي ورڪشاپ ۾ ٽرانسفارمرز دير سان مرمت ٿيڻ جي شڪايت، ڊپٽي ڪمشنر ٽرانسفارمر واري واقعي جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو، ايس ايس پي پاران واقعي جي رپورٽ بابت آءِ جي سنڌ کي آگاهي، رپورٽ مطابق حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا لطيف آباد نمبر 8 واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري واقعي بابت رپورٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو واقعاتي رپورٽ بابت ڪمشنر کي آگاهي ڏني آهي، جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ان واقعي بابت آءِ جي سنڌ کي آگاهي لاءِ خط لکيو آهي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل واقعاتي رپورٽن ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ 4 حيسڪو ملازمن سميت 22 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ان واقعي ۾ هڪ رڪشا ۽ 3 موٽرسائيڪلون سڙڻ جي به تصديق ڪئي وئي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ کي جيڪو خط لکيو آهي ان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر لوڪل ورڪشاپن مان مرمت ڪرايا وڃن ٿا ۽ انهن ورڪشاپن ۾ ٽرانسفارمرن جي مرمت جو ڪم تسلي بخش نٿو ٿئي. ورڪشاپن ۾ موجود عملو پنهنجي تجربي آڌار ٽرانسفارمرن جي مرمت ڪري ٿو، جڏهن ته ان عمل ۾ حيسڪو جو عملو به ملوث هجي ٿو، ٽرانسفارمرن جي مرمت جي لاءِ علائقي جي ماڻهن کان وڏي رقم به ورتي وڃي ٿي، ڊي سي پنهنجي خط ۾ اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته حيسڪو جي ورڪشاپن ۾ جيڪي ٽرانسفارمر مرمت ٿيڻ لاءِ وڃن ٿا انهن کي ڪيترائي ڏينهن لڳي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انهن ٽرانسفارمرن جي مرمتن ۾ هفتن جا هفتا به لڳي ويندا آهن، ڊي سي پنهنجي خط جون ڪاپيون وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، وڏي وزير جي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف کي به روانيون ڪيون آهن، ڊي سي ۽ ايس ايس پي پاران ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري واقعي جو پسمنظر به ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته ايس پي هيڊڪوارٽر انڪشاف ڪيو ته بجلي جي جنهن ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪو ٿيو هو اهو سندن پهچڻ کان اڳ ئي حيسڪو جا عملدار لاهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا، ٻي طرف علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جي جنهن ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪو ٿيو هو، اهو ٽرانسفارمر علائقي مان ان ئي رات حيسڪو عملي پوليس جي مدد سان لاهي متبادل هنڌ لڪائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ ڄاڻايل علائقي ۾ بجلي جو نئون ٽرانسفارمر لڳايو ويو آهي. هوڏانهن واقعي بابت حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر ٻڌايو ته بجلي جو ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽو هو، جنهن بعد علائقي ۾ بجلي بحال رکڻ لاءِ انهن متبادل طور نئون ٽرانسفارمر لڳايو.