شڪارپور/ خانپور (نمائندن وٽان) خانپور ويجهو قبيلائي تڪرار ۾5 ڄڻا مارجي ويا، 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن، 7 زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو آهي.
رستم واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين هڪٻئي تي ڳرن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
علائقي واسين موجب فائرنگ ۾ بخشل، ڪاڪو، حضور بخش جتوئي ۽ راونت جتوئي مارجي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
مارجي ويلن ۾ هڪ سعدخاناڻي پاڙي واسي بخش جتوئي ۽ ٻيا ڪمالاڻي پاڙي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.
ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب فائرنگ جو سلسلو تقريبن 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، علائقي واسي پوليس کي بار بار فون ڪري منٿون ڪندا رهيا ته اچي ڇڪتاڻ ختم ڪرايو پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي 5 ڪلاڪن کانپوءِ پهتي.
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي نمائندي جڏهن ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته مان پوليس پارٽي سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو آهيان، ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي موجب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۾ مارجي ويلن مان هيل تائين رڳو 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن، جڏهن ته 7 زخمين کي لکي غلام شاهه، خانپور ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جو پس منظر:
رستم واري علائقي ۾ ڪجهه عرصو اڳ ڪارنهن جي تهمت مڙهي عورت ۽ نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڪمالاڻي جتوئي ۽ سعدخاناڻي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي، جنهن ۾ تازو ئي 5 ڄڻا مارجي ويا.
شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس جو ڪردار:
شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس جو رسر رسوخ تمام گهٽ ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري ماڻهن جو اغوا ٿيڻ توڙي رتوڇاڻ جا واقعا رپورٽ ٿيڻ معمول بڻيل رهن ٿا.
پوليس مختلف وقتن تي دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن جاري آهي، پر ان باوجود به اغوا، قتل ۽ ڦر توڙي ڌاڙن جي واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.
شڪارپور جي ڪچي ۾ تيغاڻي-بجاراڻي تڪرار به هلندڙ آهي، جنهن به 50 کان انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ان کانسواءِ جتوئي برادري جي ڪيترن ئي پاڙن ۾ تڪرار هلندڙ آهن، جنهن سبب علائقي واسي هٿيارن جي ڇانوَ هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.
اغوا جا واقعا:
شڪارپور جو ڪچو ڌاڙيلن جي آماجگاهه طور رپورٽ ٿيندو رهيو آهي، گذريل ٻن مهينن دوران 20 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيا، جن ۾ اڪثر اهي ماڻهو شامل هئا، جيڪي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيا.
عورتاڻو آواز:
ڌاڙيل عورتاڻي آواز تي شهرين سان فون تي ڳالهائيندا آهن، کين شادي جي لالچ ڏئي ڪچي طرف گهرائي اغوا ڪري وٺندا آهن، جنهن کانپوءِ مغوين جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ ورتو ويندو آهي.