خانپورمهر ويجهو پسند شادي تان گهر تي حملو، پريمي جون 2 ڀينرون اغوا، مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي

0
117
خانپورمهر ويجهو پسند شادي تان گهر تي حملو، پريمي جون 2 ڀينرون اغوا، مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي
خانپورمهر ويجهو پسند شادي تان گهر تي حملو، پريمي جون 2 ڀينرون اغوا، مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ويجهو ريگستاني علائقي هيکل پٽ ۾ مبينا طور پسند پرڻي جي معاملي تان هٿياربندن جو حملو، پلاند طور پريمي نوجوان جون 2 ڀينرون اغوا، مزاحمت تي 4 ڄڻا زخمي، رپورٽ داخل

خبرموجب ريگستاني علائقي هيکل پٽ ۾ مبينا طور پسند جي شادي تان هٿياربندن پريمي نوجوان جي گهر تي حملو ڪري سندس ٻن ڀينرن حميدهه ۽ جميعت ڌيءُ غلام محمد مهر کي اغوا ڪيو، جڏهن ته مزاحمت توڙي جوابدارن جي تشدد سبب 4 ڄڻا منير، غلام محمد، دلاور ۽ مريد مهر زخمي ٿي پيا، وارث زخمين کي ٿاڻي تي آندو، جتان کين اسپتال منتقل ڪيو ويو

ان موقعي تي غلام محمد مهر ۽ حبيب مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته چونڊڪو واسي ابڙا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته توهان جو نوجوان اسان جي ناري کڻي ويو آهي، اسان انهن کان ڪجهه ڏينهن جو وقت ورتو ته ڳولا ڪري ناري اوهان کي واپس ڪري ڏينداسين پر ان جي باوجود جوابدارن حملو ڪري اسان جا ماڻهو زخمي ڪيا ۽ ٻه نياڻيون کڻي ويا، هنن چيو ته اسان جي نوجوان پسند جي شادي ڪئي آهي پر خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن هٿياربندن جو پيڇو ڪندي ٻن ڄڻن کي سوگهو ڪري ڪار هٿ ڪئي پر ڳوٺاڻن ان جي تصديق ناهي ڪئي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان حنيف مهر چونڊڪو واسڻ ناري جمعه ڌيءُ امداد ابڙو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، خانپورمهر پوليس موجب معاملي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي