راولپنڊي ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمجهي ٿي موجودا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هوندي انصاف نه ٿو ملي سگهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته تحريڪ انصاف چيف جسٽس جي رويي جي مذمت ڪري ٿي، اوهان ( چيف جسٽس) کي ڪو حق ناهي پي ٽي آءِ يا سندس وڪيلن جي تذليل ڪريو، اسان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي بي اعتماد جو اعلان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ قانوني ٽيم پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي ڳالهه ٻول ڪئي پر چيف جسٽس جو تحريڪ انصاف جي وڪيلن سان رويو توهين جوڳو آهي، هو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ امن امان آهي. شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻارنهن سئو اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا پر اسان جي ڪيسز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ مان اڄ تائين اسان کي ڪو رليف ناهي مليو پر سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ضمانت ٻي بئنچ مان ملي آهي، پي ٽي آءِ باني جي ضمانت اسان تي ٿورو نه اسان جو حق آهي.