سنڌاسيمبلي ۾ ڀرتين جو نئون اسڪينڊل:  چوڪيدار طور ڀرتي ٿيل ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويو

0
118
سنڌاسيمبلي ۾ ڀرتين جو نئون اسڪينڊل:  چوڪيدار طور ڀرتي ٿيل ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويو
سنڌاسيمبلي ۾ ڀرتين جو نئون اسڪينڊل:  چوڪيدار طور ڀرتي ٿيل ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ تڪڙين ترقين جو نئون اسڪينڊل ظاهر، 1982ع  ۾ 13 سالن جي عمر ۾ گريڊ هڪ ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيل ملازم 20هين گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تي پهچي ويو

موجوده ايڊيشنل سيڪريٽري پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرتي ڪرايل ننڍي ڀاءُ ۽ ننڍي ڀيڻ جي ڄم جو سال ساڳيو،  ڄم جي تاريخ ۾ رڳو  6 مهينن  جو فرق ! سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکي معاملي جي اعليٰ سطحي انڪوائري جي سفارش ڪري ڇڏي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ اسيمبلي ۾ اهم عهدن تائين پهتل آفيسرن جي هيٺين گريڊن ۽ ننڍي عمر ۾ ڀرتين جو نئون اسڪينڊل  منظر عام تي اچي ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر کي خط لکي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين بابت اهم انڪشاف سامهون آندا آهن. هن  پنهنجي خط ۾الزام هنيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي 20هين گريڊ واري عهدي تي پهتل حبيب سميجو 1982 ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيو هو، ايف آءِ اي ۾ ڄاڻايل معاملي جي ڪجهه مهينا اڳ ٿيل انڪوائري ۾ ڄاڻايل ايڊيشنل سيڪريٽري اهو بيان به ڏئي آيو آهي ته سندس ڀرتي 13 سالن جي عمر ۾ چوڪيدار طور هڪ گريڊ ۾ ٿي هئي!

هن ڄاڻايو ته  قانون موجب 13 سالن جي عمر وارا ٻار ڪنهن به سرڪاري نوڪري لاءِ اهل ناهن هوندا. سينيئر اسپيشل سيڪريٽري خط ۾ لکيو آهي ته ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو جي شناختي ڪارڊ ۾ ڄم جو سال 1961 هو، جيڪو تبديل ڪرائي 1971ع  ڪرايو ويو. جنهن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته حبيب سميجو 13 سالن جي عمر ۾ ڀرتي ٿيو، پر 13 سالن جي عمر ۾ ڀرتي ٿيل ملازم سروسز اسپتال ڪراچي مان پنهنجو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڪيئن حاصل ڪيو؟ بِنا شناختي ڪارڊ جي  ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ هن اي جي سنڌ مان پگھار ڪيئن حاصل ڪئي؟

بِنا شناختي ڪارڊ ۽ بي فارم جي هِن ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ڪيئن ٺهرايا؟ انهن معاملن جي جاچ ڪرائي وڃي. سينيئر اسپيشل سيڪريٽري خط ۾ لکيو آهي ته موجوده ايڊيشنل سيڪريٽري جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرتي ٿيل ننڍي ڀاءُ محمد حنيف ۽ ننڍي ڀيڻ حرمت جي ڄم جو سال به ساڳيو آهي، جڏهن ته  جنم جي تاريخ ۾ 6 مهينن کان به گھٽ مُدي جو فرق آهي

اينٽي ڪرپشن اختيارين اهڙي خط بعد سنڌ اسيمبلي جي اختيارين کان ايڊيشنل سيڪريٽري توڙي سندس خاندان جي ڀرتي ٿيل ملازمن جي ڀرتين ۽ ترقين توڙي سروس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته انهي کان اڳ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند ايف آءِ اي ڏانهن به انڪوائري لاءِ خط لکيو هو

سنڌ اسيمبلي جي ايڊمن سيڪشن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سندس گھرڀاتين جو سروس رڪارڊ غائب هجڻ جو انڪشاف

 سنڌ اسيمبلي جي ايڊمن سيڪشن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سندس گھرڀاتين جو سروس رڪارڊ غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو

ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڀروسي جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) طور مقرري دوران حبيب سميجو پنهنجو ۽ پنهنجن گھر ڀاتين جو سروس رڪارڊ غائب ڪري ڇڏيو هو، ان سلسلي ۾ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند جو چوڻ آهي ته حبيب سميجو جو سروس وارو رڪارڊ هن وقت ايڊمن برانچ ۾ موجود ئي ناهي

سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو ۽ سندس 12گھرڀاتين جي ملڪيتن بابت نيب ۾ جاچ هلندڙ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال سميت ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي نيب ۾ به انڪوائري هلندڙ آهي. ان حوالي سان نيب اختيارين ڪجهه هفتا اڳ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو ۽ سندس گھرڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل پڻ گھرايا هئا

نيب پاران ڊي سي ايسٽ کي خط لکي هدايت ڪئي وئي هئي ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو ۽ سندس 12 گھر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن پر اڃا تائين ڊي سي ايسٽ اهڙا تفصيل نيب حوالي نه ڪيا آهن