لاهور (م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز جهانگير ترين جي شگر ملز کان کنڊ خريد ڪري ورتي، جهانگير ترين جي گروپ جي ڊي ڊبليو شگر ملز سڀ کان گهٽ ٻولي 90 رپيا في ڪلو ڏني هئي، حڪومت کنڊ جو ايڪس مل اگهه 80 رپيا ڪلو مقرر ڪيو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ 10 رپيا مهانگي کنڊ خريد ڪئي وئي، يوٽيلٽي اسٽورز اختيارين جو چوڻ آهي ته 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريدڻ جو ٽينڊر ڪيو آهي، کنڊ ڪيتري کڻڻي آهي اهو ڏسي فيصلو ڪنداسين.