ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي تھ اسان ”سٽيزن بجيٽ“ 22-2021ع پيش ڪرڻ جي رٿا جوڙي آھي جنھن لاءِ صنعتڪارن، واپارين ۽ زرعي ماھرن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آھن. اسان سندن سموريون سٺيون صلاحون ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين، ايندڙ بجيٽ شھرين جي شرڪت جي عڪاسي ڪندو. ڪالهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيل اجالس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق کان ھلندڙ مالي سال دوران 967.5 ارب رپيا ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت کي پنھنجن وسيلن مان 228 ارب رپيا ملندا، ھن چيو تھ اها صوبائي حڪومت جي ڪل 1.19 ٽرلين رپين جي بجيٽ رقم آھي. ھن وڌيڪ چيو ته بجيٽ جو 81 سيڪڙو غيرترقياتي ۽ 19 سيڪڙو ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿئي ٿو، هن چيو ته تعليم تي 20 ، ناڻي کاتي تي 19 ، صحت تي 14 ، گھرو (امن و امان ۽ انصاف) تي 12 ، لوڪل گورنمينٽ تي 9 سيڪڙو، آبپاشيءَ تي 3 سيڪڙو۽ باقي 23 سيڪڙو ٻين کاتن جي بجيٽ آھي، ھن وڌيڪ چيو تھ غير ترقياتي بجيٽ جو 43 سيڪڙو پگھارن، 42 سيڪڙو آپريشنل خرچن ۽ 15 سيڪڙو پينشن ادائگي ۾ استعمال ٿيو. هن آھي ته سنڌ حڪومت وڏين اسپتالن ۽ تعليمي ادارن کي گرانٽ ڏيندي آھي. ڪراچيءَ جي صنعتڪارن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ اٽڪل سمورن صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، جنهن تي وڏي وزير چيو تھ ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪري رھيا آھيون، انشاءَ اللھ انهي منصوبي تي ايندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو. اهو پاڻيءَ رڳو صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هن چيو تھ مھراڻ ھاءِ وي جي تعمير لاءِ 450 ملين رپيا رکيا ويا آھن. ايندڙ مالي سال دوران روڊ جو ڪم شروع ٿيندو، اجلاس ۾ واپارين، پي اينڊ ڊي ۽ ناڻي کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي، جنھن جو ھر مھيني اجلاس ٿيندو زرعي ماھرن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ سنڌ صوبي ۾ بصر جي بمپر پوک ٿي آھي، وفاقي حڪومت بصر جي برآمد بدران درآمد جاري رکي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ سبزي منڊيءَ ۾ بصر جو اگھه 5 رپيا في ڪلو گھٽ ٿي ويو آھي. ھنن صلاح ڏني ته ھتي آبادگارن لاءِ ھاري دوست پاليسيون ھئڻ گھرجن. آبادگارن وڏي وزير کي صلاح ڏني تھ صوبي ۾ زرعي تحقيق ۽ باغباني کي ھٿي وٺرائي وڃي. واپارين شھيد بينظيرآباد ۾ صنعتي زون کي قائم ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني.