اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ڪابينا ڊويزن جي خرچن تي ڪٽوتي جي رٿن دوران ووٽنگ ۾ حڪومتي ميمبر خرچن جي منظوري جي حق ۾ ووٽ ڏئي ويا، جنهن بعد اسپيڪر ڪٽوتي جي رٿن جي حق ۾ ها ۽ مخالفت ۾ نه جو طريقيڪار ميمبر اڳيان واضح ڪندي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ته ان کان پوءِ اڪثريت راءِ سان انهن رٿن کي رد ڪيو ويو، مخالف ڌر ان دوران گوڙ ڪيو ته حڪومتي ميمبرن پنهنجي بجيٽ خلاف ووٽ ڏنو آهي، اسپيڪر مخالف ڌر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي به معلوم ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، شازيه مري چيو ته حڪومت جي ميمبرن ڪٽوتي جي رٿن جي حق ۾ پهريان ووٽ ڏنو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته منهنجو فرض آهي ته ميمبرن کي ڪٽوتي جي رٿن جي حمايت ۽ مخالفت جو طريقيڪار ٻڌايان.