اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر ۾ شامل پارٽيون پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ ٻيون پارٽيون پنهنجي ميمبرن جي مڪمل طور تي حاضري کي يقيني بنائڻ ۾ ناڪام، قومي اسيمبلي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ مخالف ڌر جون 967 ڪٽوتي جون رٿون اڪثريت راءِ سان رد ڪري حڪومت پرڏيهي وزارت، ناڻي وزارت، بجلي وزارت، اسٽيبلشمينٽ، ڪابينا ڊويزن، غربت جي خاتمي واري ڊويزن توڙي هوا بازي ڊويزن لاءِ 30 کرب جا خرچ منظور ڪرائي ورتا ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ باضابطه طور تي پيش ڪيل وفاقي بجيٽ ۾ مختلف وزارتن لاءِ گهربل خرچن ۾ مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون، بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي ان جي منظوري کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن زور لڳائڻ جو اعلان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اپوزيشن جا ٻيا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا جنهن ڪري حڪومت لاءِ مخالف ڌر جون ڪٽوتي جون رٿون رد ڪرائي مختلف وزارتن لاءِ گهريل خرچن جي رقم منظور ڪرائڻ آسان ٿي ويو، حڪومت ڪابينا ڊويزن، توانائي، ناڻي، پرڏيهي وزارت، ڪابينا ڊويزن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، هوابازي ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي 3 هزار 88 ارب 54 ڪروڙ ماليت جا 49 مطالبات زر منظوري لاءِ پيش ڪيا، جن تي مخالف ڌر 967 مجموعي طور تي ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون، مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا مڪمل طور ميمبر حاضر نه هجڻ سبب حڪومت اڪثريت راءِ سان اپوزيشن جون ڪٽوتي جون رٿون رد ڪري ڄاڻايل وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ مطالبات زر منظور ڪرائي ورتا آهن، ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي خرچن تي مخالف ڌر جي 143 ڪٽوتي جي رٿن کي اڪثريت راءِ سان رد ڪندي پرڏيهي وزارت لاءِ 23 ارب 9 ڪروڙ رپين جي مطالبات زر جي منظوري ڏني وئي، ناڻي وزارت لاءِ 2 هزار 273 ارب 85 ڪروڙ جي 15 مطالبات زر ۾ 257 ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جن ۾ گرانٽ ۽ سبسڊي جي مد ۾ 1159 ارب، پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جي مد ۾ 160 ارب جي منظوري به شامل آهي، توانائي وزارت جي 374 ارب 31 ڪروڙ جي خرچن تي مخالف ڌر جون 230 ڪٽوتي جون رٿون رد ڪري رقم جي منظوري ڏني وئي آهي، ائين ڪابينا، هوابازي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي 29 مطالبات زر تي 397 ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 417 ارب 28 ڪروڙ 48 لک رپين جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ ڪابينا ڊويزن لاءِ 128 ارب 85 ڪروڙ، هوابازي ڊويزن لاءِ 13 ارب 11 ڪروڙ، غربت جي خاتمي واري ڊويزن، بينظير انڪم سپورٽ، بيت المال لاءِ 259 ارب 25 ڪروڙ رپين جي رقم جي قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته گذريل سال به مخالف ڌر پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ بجيٽ جي منظوري آسان بنائيندي ڪٽوتي جون رٿون پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.