ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ 600 سي اين جي اسٽيشنن، 2500 کان وڌيڪ نان ايڪسپورٽ صنعتن توڙي ڪيپيٽو پاور هائوس جي 10 جولاءِ تائين گيس سپلاءِ بند رکڻ جو اعلان، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اختيارين 29 جون کان ڪي پي ٽي ٽرمينل جي مرمتي ڪم سبب نان ايڪسپوٽ صنعتن کي 10 جولاءِ تائين گيس مهيا ڪرڻ کان معذرت ڪندي ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته ڪيپيٽو پاور پلانٽ کي به 50 سيڪڙو گيس گھٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ ايس آءِ ايل سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي، سي پي ايل سي چيف ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪاميٽي جي ميمبرن اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته صنعتن کي گيس جي فراهمي معطل ڪرڻ سبب صنعتي پيداوار گھٽجي وئي آهي، جنهن تي سوئي سدرن جي ايم ڊي ٻڌايو ته ڪي پي ٽي ٽرمينل جي مرمتي ڪم سبب نان ايڪسپورٽ صنعتن کي گيس جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته ڪيپيٽو بجلي گھر کي گيس جي فراهميه 50 سيڪڙو گھٽائي وئي آهي. سوئي سدرن جي ايم ڊي ٻڌايو ته گھريلو صارفين کي گيس جي فراهمي جاري رکبي، هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ٽي گيس ٽرمينل جو مرمتي ڪم جولاءِ جي پهرين هفتي ( 7 جولاءِ تائين ) ۾ مڪمل ٿي ويندو، جنهن بعد 2500 صنعتي يونٽن کي گيس فراهمي شيڊيول موجب 10 جولاءِ تائين ڪئي ويندي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته گيس جي مسئلي، صنعتن کي فرنيس آئل ۽ آر ايل اين جي جي فراهمي واري معاملي تي وفاقي سرڪار سان رابطو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گيس جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ صنعتن کي شيڊول ڏنو ويندو. صنعتون انهي شيڊيول تي عمل ڪرڻ جون پابند هونديون. هوڏانهن سي اين جي اسٽيشنز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ پرشوتم لال چيو آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اختيارين پاران پرڳڻي جي 600 سي اين جي اسٽيشنن کي گيس فراهمي لاءِ ڪو شيڊيول ئي ناهي ڏنو ويو، هن چيو ته اختياريون چون پيون ته اڻڄاتل مُدي تائين گيس فراهم نه ڪئي ويندي، جنهن ڪري سي اين جي اسٽيشنن جا مالڪ پريشان آهن. هن چيو ته صنعتن جيان سي اين جي اسٽيشنن کي به گيس فراهمي جو واضح شيڊيول ڏنو وڃي.