ڄامشورو(رپورٽر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ کان مٿي ڪير به ناهي سنڌ خطري ۾ آهي وقت جا حڪمران سنڌ جي وحدانيت خلاف هڪ ٿي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سان هٿ چراند لاءِ پپپلز پارٽي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جو سربراهه پپپلز پارٽي جو وزير خورشيد شاهه آهي جنهن سان واضع ٿي ويو آهي ته اقتدار جي خاطر پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدانيت جو سوڌو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ته هٿ وٺي سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني، بيروزگاري، مهانگائي جي خراب صورتحال پيدا ڪئي آهي جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي بنيادي مسئلن ۾ قابو هجن ۽ وقت جا حڪمران سنڌ خلاف فيصلا ڪندا رهن جنھن لاءِ سجاڳ ٿيڻ پوندو سنڌ کي بچائڻ لاء سنڌ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ٻي پاسي ڄامشوري ۾ جسقم جس مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، جسقم ضلعي چيف آرگنائزر سومر خان جمالي، محمد يوسف جمالي، حاجي ﷲ ورايو، غلام حسين جمالي، گورنر خان جمالي، محرم جمالي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي ڄامشوري ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، هڪ مهيني کان جسقم ڄامشورو جو اڳواڻ عابد جمالي گم آهي جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي، سندس وارث پريشان آهن، ڄامشورو ۾ منشيات فروش،چور ،ڦرون ته آزاد آهن پر سياسي ڪارڪن، عام شهري غير محفوظ بڻيل آهن، جسقم ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻ سومرو خان جمالي چيو ته عابد جمالي ۽ سندس مامي فياض جمالي جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي،