اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مبينا ناانصافين خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين بلاڪ ون جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ  ڪمپنيون ۽ ٺيڪيدار  مقامي ماڻهن سان ٻه اکيائي ڪري رهيا آهن، روزگار ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته  مقامي ڊرائيور جن وٽ لائسنس به آهن انهن کي نٿو رکيو وڃي، ليبر ۾ به ٻاهر جا ماڻهو ڀرتي ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته اسان زمينون ڏنيون موٽ ۾  ڪمپني اسان کي ڪا سهولت ته نٿي ڏئي پر روزگار ۾ به اسان کي نظرانداز ڪري رهي آهي، هنن گهر ڪئي ته مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي  روزگار ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.