سانگهڙ/سنجهورو (نمائندن وٽان) سنجھوري  ويجهو بيدردي سان قتل ٿيل ديا ڀيل جي قتل جي مک جوابدار روپي  ڀيل جي  گرفتاري ظاھر، قتل ۾ 4 ڄڻن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد يونس چانڊيو ۽ ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ديا ڀيل قتل جي مک جوابدار ڀوپي روپو کي صحافين آڏو آندو، ڊي آءِ جي يونس چانڊيو ۽ ايس ايس پي بشير بروهي ٻڌايو ته جوابدار جي نشاندهي تي ٽن ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته مقتوله جو قتل ٽوڻي، ڦيڻي ۽ ڪاري علم جي ڪري ٿيو آھي، 100  ماڻهن کي  جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، 42 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ورتي وئي، جن ۾ هندو برادري کانسواءِ مسلمان برادري جا ماڻهو به شامل هئا، هنن چيو ته ديا ڀيل قتل ڪيس انڌو ڪيس هو، 11 ڏينهن جي ڊگهي جاچ کانپوءِ ڪيس جي مرڪزي جوابدار ڀوپي روپي  ڀيل کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاهه ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو، هنن ٻڌايو ته جوابدارن ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، هنن چيو ته ڀوپو لوڻيو ڀيل، ساجن، مقتول عورت جو ڀائٽيو ۽ مقتوله جو ڀاءُ ديا رام عرف ديراج ڀيل کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي، پريس ڪانفرنس ۾ ٻني پوليس آفيسرن چيو ته ديا ڀيل کي ڀوپن جادو لاءِ نشانو بڻايو، ڀوپن انساني عضوا حاصل ڪرڻ لاءِ انسانيت کان ڪريل واقعو ڪيو، مک جوابدار جي نشاندهي تي عورت ديا ڀيل جا وار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ڊي اين اي لاءِ موڪليو آهي، صحافين جي سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته عالمي ميڊيا خاص ڪري ڀارتي ميڊيا ديا ڀيل ڪيس کي مذهبي رنگ ڏنو، جيڪو سراسر غلط آهي، ڪيس جي هر رخ کان جاچ ڪئي وئي، جيو فينسنگ، ڊي اين اي ۽ کوجي ڪتن کي به استعمال ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جون خدمتون پڻ ورتيون ويون، جوابدارن جي اڳوڻن ٽريڪ رڪارڊ ۽ رابطن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ ۾ ٻن ڀوپن جو اھم ڪردار آھي.