عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ڊي سي جي شڪايتي ليٽر بعد مقرر ٿيل 16مان 11 نوان ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه آيا، تفصيل موجب سنڌ جي مختلف علائقن مان بدلي ٿيل 16 ڊاڪٽرن مان 11 ڊاڪٽرن سيڪريٽري صحت جي حڪم ۽ جاري ٿيل نوٽيفڪيشن کي اھميت ئي نه ڏني، جنهن بعد ڊي سي عمرڪوٽ 10 ڏينھن گذرڻ تي 11 ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين خلاف ٻيھر ڊي جي صحت سنڌ ڏانھن ليٽر لکي ڇڏيو آھي، سيڪريٽري صحت سنڌ جي حڪمن ۽ نوٽيفڪيشن تي عمل نه ڪندڙ 11 ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر جيٺانند، اشوڪ ڪمار، شوڪت علي، يوگل ڪشور، جئه پرڪاش، نوشين، مونيڪا، نائله، فرح اڪرم، ارم ارشد ۽ صنوبر پروين شامل آھن، واضح رهي ته ڊي سي ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجو سيڪريٽري صحت ڏانھن 10 ڏينھن اڳ لکيل شڪايتي ليٽر ۾ ڄاڻايو ھو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 588 ڊاڪٽرن جون پوسٽون پيل آھن پر گذريل وڏي عرصي کان  مقرر صرف 110 ڊاڪٽر آھن، جڏھن ته عمرڪوٽ ۾ 478 ڊاڪٽرن جون جايون خالي پيل آھن.