حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي سڏ تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اديب ۽ دانشور تاج جويو، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محب آزاد، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويو، سھڻي جويو، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين چيو ته ڪيتري عرصي کان سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو، رياض خاصخيلي، پٺاڻ خان زھراڻي، نسيم بلوچ، مرتضيٰ جوڻيجي، ڪاشف ٽڳڙ، ظفر چانڊئي، سھيل رضا ڀٽي، سرويچ نوحاڻي، فتح محمد کوسي، لالا عمران سنڌي، صحبت کوسي، فيصل آرائين، امداد شاھ، سجاد شاھ ۽ ٻين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن کي ظاهر نٿو ڪيو وڃي، هنن چيو ته مسلسل احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.