حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان هوسڙي واري علائقي ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر جي واردات ٿي. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن مال جي واڙي تان گهر ويندڙ ڳوٺاڻن صدام ڏيپر ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي کانئن هٿيارن جي زور تي 80 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ مزاحمت تي ڦورن صدام ڏيپر کي پسٽل جا بٽ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. متاثر ڳوٺاڻن هوسڙي ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته هو مال جي واڙي تي ڪم ڪن ٿا ۽ اتان پگهار کڻي گهر پئي ويا ته ڳوٺ آلڻي وٽ 125 موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن کانئن ڦر ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڳوٺاڻي کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.