دادو (رپورٽر) دادو شهر جي باءِ پاس ڀرسان مبينا طور پراڻي تڪرار تان يتيم نياڻي ڇهين جماعت جي شاگردياڻي نجمه سولنگي جو گهر ڊاهي پٽ ڪيو ويو، هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ تي يتيم شاگردياڻي نجمه ماءُ سميت پڦي هدايت خاتون جي گهر ۾ پناهه ورتي آهي، گهر ڊاهڻ خلاف شاگردياڻي نجمه  پڦي هدايت خاتون ۽ ماءُ سميت سخت احتجاج ڪندي پنهنجي اخبار آڏو دانهيو آهي ته سليم، صدام وارن منهنجي مامن جون 2 نياڻيون اغوا ڪيون ۽ ڪوٽڙي لڏو کڻي ويا، سندن همراهه کي نا معلوم ماڻهن قتل ڪيو آهي جنهن جو الزام منهنجي مامن تي هنيو آهي، اهڙن تڪرارن جي صدمي ۾ منهنجو پيءُ ميونسپل ملازم محمد موسي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، واقعي سان تعلق نه هئڻ باوجود مون يتيم نياڻي جو گهر ڊاهي پٽ ڪري سامان ۽ جڳهه جو لوھ به کڻي ويا آهن، بي سيڪشن پوليس سليم، سجاد، صدام کي گرفتار ڪرڻ بعد رقم وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ، شاگردياڻي نجمه مطالبو ڪيو آهي ته سندن گهر ڊاهيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.