لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد وومين اسپتال واري علائقي مان چنگچي تي ويهڻ بعد ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ عبدالڪريم انڙ واسي 4 ورهين جو ٻارڙو سرفراز هليو پراسرار نموني گم ٿي ويو، معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي گم ٿيل ٻالڪ جي تصوير جاري ڪندي اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻالڪ جي والد منير هليو ٻڌايو ته گذريل ڏينهن فيملي شيخ زيد وومين اسپتال آيل هئي، جتان ڳوٺ واپسي دوران پٽ چنگچي ۾ ويٺو، جيڪو رستي تان پراسرار نموني گم ٿي ويو، هن ٻڌايو ته ٻالڪ کي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳوليو پر ڪٿي به ڏس پتو نه پيو، هن پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.