حيدرآباد ۾ نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو واڌو واھ مان لاش ھٿ

0
726

حيدرآباد ۾ نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو راڻي باغ ڀرسان واڌو واهه مان لاش هٿ آيو آھي

نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو راڻي باغ ڀرسان واڌو واھ مان لاش مليو آھي

ان سلسلي ۾ نوجوان مھر علي جي والد برڪت علي جو چوڻ آهي ته 19ورهين جو مهر علي رات ڏيڍ وڳي گهران نڪري ويو هو ۽ 3 وڳي سندس لاش واڌو واهه مان مليو

برڪت فقير موجب پٽ جي منهن تي سوڄ آهي،  خبر نٿي پوي ته سندس موت ڪيئن ٿيو، ٻئي پاسي نوجوان سنڌ ميوزيم ڪالوني ۾ رهندو هو، سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

راڳي برڪت فقير جي پُٽ جو موت: وڏي وزير نوٽيس ورتو

حيدرآباد ۾ راڳي برڪت فقير جي نوجوان پُٽ جي هٿ آيل لاش واري واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو آهيوڏي وزير تعليم کاتي ۾ وڌيڪ

وڏي وزير مراد علي شاهه  ڪمشنر حيدرآباد کان جاچ ڪري رپورٽ پيش جو حڪم ڏنو آهي

وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو ته واقعو ڪيئن پيش آيو، اُن بابت سمورا تفصيل ڏنا وڃن

وڏي وزير واقعي تي ڏک جو به اظهار ڪيو، راڳي برڪت فقير جي پُٽ مهر علي جو راڻي باغ ڀرسان واڌو واهه مان لاش هٿ آيو هو

ھي به پڙھندا

پيروسڻ جي کرڙاهه شھر ۾ ڦل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، صحافي قتل