اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوج خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي ٻيهر گرفتار، سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ مٿس 40 ڪيس داخل، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سندس بيان هلائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ ڪالهه صبح سوير ايف آءِ اي جي ٽيم پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي فارم هائوس تي گرفتاري لاءِ پهتي، ايف آءِ اي جي سائبر ونگ جي ٽيم سان گڏ ميجسٽريٽ به موجود هو، گرفتاري وارنٽ ڏيکاري گهر مان گرفتار ڪري جي 13 ۾ واقع ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سيل ۾ کيس نيو ويو، ايف آءِ اي هڪ ڏينهن اڳ اعظم سواتي پاران ڪيل تڪراري ٽوئيٽ تي سندس خلاف نئون ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو ايف آءِ اي جي ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ انيس الرحمان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ اعظم سواتي پاران ڪيل تڪراري ٽوئيٽ جو متن به ڏنو ويو آهي، گرفتاري کانپوءِ اعظم سواتي کي ميجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اعظم سواتي کي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، اعظم سواتي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ جا اڳواڻ شاهه محمود قريشي، بابر اعواڻ، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم، سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، سيف الله نيازي، شفقت محمود پي ٽي آءِ جا سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر موجود هئا، اعظم سواتي جي وڪالت بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري ڪئي، جڏهن ته گرفتاري وقت اعظم سواتي پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي پهريان به ايف آءِ گرفتار ڪري ايجنسين حوالي ڪيو، مون کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، هي ملڪ هاڻي ائين نه هلندو، هن چيو ته اڄ منهنجي گرفتاري لاءِ ميجسٽريٽ آيو ان گرفتاري وارنٽ پيش ڪيو آهي، اهو ٺيڪ آهي، هي عزت سان آيا آهن، مان ڀڄڻ وارو ناهيان، اسان ظلم خلاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ نڪتل آهيون، هي سڌو حڪم باجوا کان وٺن ٿا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ، وڪيلن، سينٽرن ۽ عوام کي چوان ٿو ته قانون جي حڪمراني گهرجي ته سامهون اچو، اڄ وارنٽ آندا ويا آهن، مان پاڻ ٿاڻي تي وڃڻ لاءِ تيار آهيان پر اهو ڪو طريقو ناهي ته گرفتاري بعد تشدد ڪيو وڃي، رمانڊ ورتو وڃي ۽ ڪپڙن کان آجو ڪيو وڃي. جڏهن ته اعظم سواتي جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رڳو بنانا ريپبلڪ ئي نه پر جنهن تيزي سان هڪ فسطائي رياست بڻجي رهيا آهيون ان تي مون کي نهايت حيرت ۽ تڪليف آهي، ڪيئن ڪوئي هن ڪرڀ ۽ مان گذري سگهي ٿو ، جنهن مان سينيٽر اعظم سواتي گذريو آهي، حراست دوران تشدد، بليڪ ميلنگ جي ارادي سان سندس گهرڀاتين کي وڊيو موڪلي وئي، هن وڌيڪ چيو ته ناانصافي تي اعظم سواتي جي قابل جواز ڪاوڙ ۽ مايوسي ۾ ان وقت اضافو ٿيو جڏهن پي ٽي آءِ سينيٽرن پاران گذريل ٻن هفتن کان حمايت ۾ ٿيندڙ اپيلن باوجود سپريم ڪورٽ جا دروازا بند رهيا، جنهن کان پوءِ هن ٽوئيٽ ڪيو ۽ کيس وري حراست ۾ ورتو ويو، رياست جي ان فسطائيت خلاف هر فرد آواز بلند ڪري. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو ته اعظم سواتي هڪ اصول لاءِ وڙهي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ وڌيڪ ڪارو ڏينهن آهي، عدالتي فيصلي باوجود هڪ سينيئر شهري تي ڪيس داخل ڪيو ويو، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڇا پاڪستان هڪ بنانا ريپبلڪ آهي، هتي شخصي حڪومت آهي، اعظم سواتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري چيو ته اعظم سواتي جي تنقيد کان ايترو خوف جو کيس وري گرفتار ڪيو ويو هاڻي مامرو خوف کان اڳتي نڪري چڪو آهي، اهڙا هٿڪنڊا صرف نفرتون پيدا ڪندا. ٻئي طرف پيمرا پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي جي پريس ڪانفرنس، ميڊيا ۾ ڪوريج توڙي ٽڪر هلائڻ تي پابندي لاڳو هوندي، اعظم سواتي کي ڪنهن ٽي وي ٽاڪ شو ۾ به شامل نه ڪري سگهبو، ڪنهن به ٽي وي چينل حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي ته ان جو لائسنس معطل ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ 37 ڪيس به داخل ڪيا ويا، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪراچي ۾ مختلف ٿاڻن تي 6 ڪيس داخل ڪيا ويا، سکر، نوشهرو فيروز، قمبر، وارهه، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽو ۾ 1-1 ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 13 ڪيس داخل ڪيا ويا، گهوٽڪي، ميرپوماٿيلو، اوٻاوڙو ۾ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا. چمن، حب ۽ لسٻيلا ۾ به ڪيس داخل ڪيو ويو.