اسلام آباد: پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري کان پوءِ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز خان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي خط لکي اعظم سواتي جي گرفتاري بابت کيس باضابطه طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ چيئرمين کي ان خط سان گڏ ايف آءِ آر جي ڪاپي اماڻي وئي آهي.