حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڄامشورو سجاڳ فورم پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پريس ڪلب سامهون انوکو احتجاج ڪندي اکين تي ڪاريون پٽيون، ڳچي ۾ سڪل مانيون ٻڌي هٿ ۾ انصاف لاءِ ترازو کڻي احتجاج ڪندي پاڻ کي علامتي ڦاهي جي ڦندن تي لٽڪايو ويو. ان موقعي تي اقبال احمد ڪوريجو، جاويد عباس گهرياڻي، نظير حسين چوهاڻ، معروف احمد سومرو، رضا حسين جوکيو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بي قابو آهي. عام واهپي جون شيون روزانو مهانگيون ٿيڻ سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته اٽو، کنڊ، گيهه، ڀاڄيون، دوائون، پيٽرول، گئس توڙي بجلي مهانگي ٿيڻ سبب ماڻهو 2 ويلا ماني ڳنڀي لاءِ پريشان آهن. موجوده حڪومت جي نظر ۾ ماضي جون حڪومتون چور هيون پر پاڻ کي ايماندار حڪومت سڏرائيندڙن جي هوندي به عوام جون مشڪلاتون گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. وزيراعظم پنهنجي ملڪ جي عوام سان معاشي ۽ سماجي انصاف نه ٿو ڪري سگهي ته مهرباني ڪري پاڻ پنهنجي هٿن سان اچي عوام کي ڦاهي ڏي ته جيئن سندس چواڻي ته عوام به قبرن ۾ وڃي سڪون جو ساهه کڻي سگهي.