ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ٻه ھفتا اڳ مبينا اغوا ٿيل ماءُ ڌيءُ جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ٽيڪم جوڳي دانهيندي چيو ته چيل بند جي جوڳي ڪالوني مان ٻه ھفتا اڳ سندس زال ڌيئا ۽ 13 ورھين جي ڌيءُ پريمي کي جوابدار محرم ڪپري ۽ ھڪ نامعلوم شخص زبردستي اغوا ڪري ويا آھن. ھن خدشو ڏيکاري ته جوابدار سندس زال ۽ ڌيءَ کي نشو ڏئي مختلف حربا استعمال ڪري مذھب مٽرائي ڇڏيندا، هن ٻڌايو ته ڪنري ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. ھن مطالبو ڪيو ته زال ۽ ڌيءَ کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.