ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي انٽربورڊ ۾ نوڪرين جا جعلي آفر ليٽر ۽ جعلي ايڊميشن ليٽر جاري ڪرڻ جو انڪشاف، بورڊ ملازم ۽ عورت سميت 3 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ شاهراهه نورجهان پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي انٽربورڊ جي آءِ ٽي برانچ جي 14هين گريڊ جي ملازم اڪرم جلباڻي، عورت نفيس نگار ۽ علي خان کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ملڪ مرتضيٰ موجب بورڊ جي سيڪريٽري ڄاڻايل گروپ خلاف درخواست ڏني هئي، هن چيو ته نفيس نگار گروهه جي سربراهه آهي، اڪرم جلباڻي اميدوارن کان انٽرويو وٺندو هو، اميدوارن کان پئسا وٺي جعلي آفر ليٽر جاري ڪيا ويندا هئا. جوابدارن جي قبضي مان جعلي ٺپا، آفر ليٽر ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي موجب جوابدار جعلي طريقي سان داخلائون به ڪرائيندا هئا. ايس ايس پي موجب عورت جوابدار نفيس نگار اعتراف ڪيو ته هن 80 هزارن ۾ هڪ پوليس آفيسر کي سندس مائٽ شاگردياڻي جي جعلي مارڪ شيٽ ٺاهي ڏني، اڪرم جلباڻي منهنجو دوست هو، کيس سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ جو طريقيڪار مون ٻڌايو. ايس ايس پي موجب جوابدارن کي جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي