حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل ٿيل ناري شازيه بليدي جي جاچ رپورٽ پڌري نه ڪرڻ تي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي نوٽيس جاري ڪندي 13 آڪٽوبر تي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نسيم نگر جي سحرش نگر واري علائقي جي رهواسي عاشق حسين بليدي پنهنجي وڪيل غلام الله چانگ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي، ايس ايڇ او نسيم نگر ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته 15 جون تي سندس ڀيڻ شازيه کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس نسيم نگر پوليس سندن والد جي فرياد تي ڀيڻويي فضل جمالي ۽ سندس ڀاءُ ايوب جمالي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو پر لڳ ڀڳ 3 مهينا ٿيڻ وارا آهن پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ان ڪميٽي به اڃا تائين رپورٽ پڌري نه ڪئي آهي جڏهن ته رپورٽ پڌري ڪرڻ ۾ ڊي آءِ جي رنڊڪون پيو وجهي.