ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي ترميمي ايڪٽ 2018ع خلاف پاسبان جي درخواست رد ڪندي چيو آھي ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران درخواست رد ٿيڻ تي پاسبان پاران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو. ڪالهه پاسبان جي وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آئين ۽ قانون موجب يونيورسٽين جا وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو اختيار سنڌ جي گورنر کي آھي، اسيمبلي اندر بل ذريعي ترميم ڪري اھو اختيار وڏي وزير کي ڏيڻ غيرقانوني آھي، وڏي وزير جو عھدو سياسي ھوندو آھي، وڏو وزير پنھنجا من پسند وائس چانسلر مقرري ڪري رھيو آھي.