حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ اسٽوڊٽس فيڊريشن (آزاد) پاران جساف آزاد نوابشاهه جي اڳواڻ ذاڪر سهتو جي جبري گمشدگي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران پرويز سنڌو، اي ڊي راهمون، فقير شبير لغاري، پيار علي مشوري، مظفر پليجو ۽ ٻين چيو ته 15 اگسٽ تي ڪراچي مان جساف (آزاد) نوابشاهه جي اڳواڻ ذاڪر سهتو کي مبينا طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ذاڪر سهتو پرامن ۽ جاکوڙي سياسي ڪارڪن آهي. سندس خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس به داخل ٿيل نه آهي. هنن چيو ته ماڻهن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي. ذاڪر سهتو جو جيڪڏهن ڪو ڏوهه آهي ته ان ڪيس ۾ سندس گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ذاڪر سهتو جي جبري گمشدگي جو نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪرايو وڃي.