لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي مخالف عوامي اتحاد ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ ڏار پئجي ويا آهن، اسان پيپلز پارٽي مخالفن کي تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تي آڻڻ چاهيون ٿا ان لاءِ پي ٽي آءِ سنڌ سطح تي هڪ وڏو اتحاد ٺاهي رهي آهي جيڪو جي ڊي اي جي اتحاد کان به وڏو اتحاد هوندو. انصاف هائوس لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ ناردرن ريجن سکر جي صدر سيد طاهر شاهه ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته جي يو آءِ سان ملي ڪري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کان وڏو اتحاد ٺاهينداسين. لاڙڪاڻي جو عباسي خاندان ۽ جي يو آءِ پيپلز پارٽي جي دعوت تي انهن سان ڳالهين لاءِ به تيار آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ناهي، پي ٽي آءِ لاڙڪاڻي جي هر چونڊ تڪ تي پنهنجو اميدوار بيهاريندي ۽ اسين پيپلز پارٽي جو اڪيلي سر مقابلو ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي نئين اتحاد ۾ نه تحريڪ انصاف هوندي ۽ نه ئي پير پاڳارا هوندو، اهو ممڪن ناهي ته مولانا فضل الرحمان عمران خان کي برو ڀلو چئي ۽ اسان ان جو لاڙڪاڻي ۾ استقبال ڪيون. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ عادل ۽ عدنان خان انڙ پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندا.