نيوسعيدآباد(ن پ ا)ڳوٺ بهشت باغ ۾ ٽي هفتااڳ موبائيل فون تي ڳالهائڻ تان پيءُ ٽوهه حاجاڻو ۽ چاچي نواب حاجاڻو پاران تشدد ڪري ۽ زهريلي دواپياري مبينا قتل ڪيل 21 ورهين جي ڳوھاري عورت ياسمين زال جمعون حاجاڻوجي قتل جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳو ڳوٺ محمد يوسف حاجاڻو ۾برادري جي چڱي مڙس سرائي محمدهاشم حاجاڻو، پ پ جي مقامي اڳواڻ رئيس علي ڏنوحاجاڻو ۽ ولي محمد حاجاڻو جي سرپنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪيس جي فريادڻ مسمات ڀاڳل جي ڀاءُ الھبچايوحاجاڻو سميت معززين شرڪت ڪئي، جرڳي ۾ مقتولا جي پيءُ ٽوهه حاجاڻو ۽ چاچي نواب حاجاڻو تي خون ثابت ٿيڻ تي خون بهاجي چٽي 15لک رپيا رکي وئي، جيڪا هڪ مهيني اندراداڪئي ويندي، جڏهن ته مڙس ٽوهه حاجاڻو ۽ ڏير نواب حاجاڻو ميڙ وٺي مقتولا عورت جي ماءُ مسمات ڀاڳل کان تڏو بخشرائيندا. جڏهن ته مقتولا جي قتل بعد سندس ماءُ ۽ ڪيس جي فريادڻ مسمات ڀاڳل جيڪا درخواست عدالت ۾ قبرڪشائي ڪري ميڊيڪل بورڊجوڙڻ لاءِ ڏني هئي ان تان هٿ کڻندي، ٻئي طرف عدالت پاران 26آگسٽ تي قبرڪشائي ڪرڻ جوحڪم جاري ٿيوته جرڳوڪيوويو، پوليس جرڳي کان بي خبر رھي. مقتولا جي قبر تي بدستور پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن. ڊي ايس پي عطامحمڏاهري موجب ڌرين جومسئلوعدالت ۾ هلندڙ آهي اسان کي ڌرين ۾ ٺاهه جو ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو آهي.