حيدرآباد: هٽڙي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل

0
136
حيدرآباد: هٽڙي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل
حيدرآباد: هٽڙي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هٽڙي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، هٽڙي جي ڳوٺ سعيد خان  بروهي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو

هٽڙي پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 65 ورهين جي بشير  پٽ حاجي محمد بروهي جي نالي  سان ٿي آهي، واقعو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران پيش آيو، معاملي جي جاچ  ڪئي پئي وڃي

پوليس موجب مقتول جي وارثن موجب بشير بروهي کي خير محمد بروهي نالي شخص گوليون هڻي قتل ڪيو آهي

ايڌي انچارج موجب مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  سول اسپتال منتقل ڪيو ويو  آهي