حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ضلعي انتظاميا شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تعليم کاتي کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سيد قائم اڪبر نمائي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي خط لکي آگاهي ڏني آهي ته 2 آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين ضلعي ۾ پوليو مهم جي شروعات ٿيندي، جنهن دوران سندن 1443 موبائيل ٽيمون گهر گهر وڃي 5 سالن جي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارينديون، جنهن دوران کين گهٽ ۾ گهٽ هر ٽيم سان گڏ 2-2 استاد فراهم ڪيا وڃن، جيڪي انهن ٽيمن سان گڏجي گهر گهر وڃي کين نشاندهي ڪري ڏين ته 18 سالن کان مٿي عمر رکندڙ ڪيترن ماڻهن هيستائين ويڪسين ڪرائي آهي ۽ ڪيترا ماڻهو اڃا تائين رهيل آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر پاران لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته استادن توڙي ماسترياڻين کي ابتدائي طور تربيت ڏئي پروفارما ڏنا ويندا، جنهن ۾ هو واضح طور لکندا ته لاڳاپيل يوسيز ۾ ڪيترا ماڻهو رهائش پذير آهن ۽ ڪيترن ويڪسين ڪرائي آهي، ڪيترا اڃا رهيل آهن، جڏهن ته پروفارما ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته کين انهن ماڻهن جي به معلومات ڏني وڃي جيڪي ويڪسين لڳرائڻ کان انڪاري آهن، رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او سيڪنڊري سيد غلام مجتبيٰ شاهه پڻ تصديق ڪئي ته ضلعي انتظاميا پاران کين خط لکي مدد طلب ڪئي وئي آهي ۽ هو قومي فرض سمجهي ضلعي انتظاميا جي ڀرپور مدد ڪندا ته جيئن ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران 5 ڏينهن لاءِ استادن کان ڊيوٽيون وٺڻ جو چيو ويو آهي جنهن بعد انهن استادن سان صلاح مشوري بعد طئي ڪيو آهي ته هو ضلعي انتظاميا کي لڳ ڀڳ 3 هزار استاد فراهم ڪندا ته جيئن ضلعي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ ۽ رهجي ويل ماڻهن جي نشاندهي ٿي سگهي.