لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آفيس بند نه ڪراڻ تان وڪيل ۽ پوليس اهلڪار ۾ منهن ماري. خبر موجب شهر جي نجي هوٽل ۾ آصف جاگيراڻي کي هڪ پوليس اهلڪار پاڻ کي آفيسر سڏائيندي بنا وردي جي واڪي ٽاڪي هٿ ۾ کڻي کيس آفيس بند ڪرڻ لاءِ داٻاءُ ڏيندي چيو ته پوليس آفيسر آهيان هاڻي جو هاڻي آفيس بند ڪر، جنهن تي وڪيل کيس چوڻ لڳو ته آئون مليل ڪيس فائيل ڪري رهيو آهيان، جنهن دوران ٻنهي ۾ منهن ماري ٿي پئي، بنا وردي پهريل آفيسر جڏهن ڏٺو ته وڪيل رڪارڊنگ ڪري رهيو آهي ته هو ٻين پوليس اهلڪارن سميت رفو چڪر ٿي ويو.