ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪراچي جي واپارين پاران سنڌ ۾ ڪاروبار بند رکڻ واري سنڌ حڪومتي جي فيصلي تي وفاقي حڪومت، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سومر کان ڪاروبار کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته ڪاروبار کولڻ شروع ڪنداسين. واپارين الائنس پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪاروبار بند هجڻ سبب واپارين کي بِنا وياج قرض ڏئي ٽئڪس معاف ڪري واپارين طبقي کي رليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان ڪراچي واپاري الائنس جي اڳواڻن رضنا عرفان، شرجيل گولپاڻي ۽ جميل پراچا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي معيشت کي نقصان ڏئي رهي آهي، 3 صوبا هڪ پاسي ۽ سنڌ صوبي جون پاليسيون هڪ طرف آهن. ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي رضوان عرفان  چيو ته سنڌ حڪومت ھڪ ڏينهن خاطرر ڪرائي ٻئي ڏينهن لاڪ ڊائون لڳائي اسان سان دوکو ڪيو. سنڌ حڪومت جيان وفاق به ڪو سھڪار ناهي ڪيو. ٻن سالن کان اسان لاڪ ڊائون ۾ ھلون پيا، هن چيو ته حڪمران ٻوڙا ٿي چڪا آهن، اسان جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، حڪومت مارڪيٽن ۾ ويڪسينيشن ڪرائي، اسان سهڪار لاءِ تيار آهيون، جيڪي واپاري يا دڪاندار ويڪسينيٽڊ هجن انهن کي ته ڪاروبار جي اجازت ڏني وڃي. حڪومت جا قرض معاف ٿي رهيا آهن ۽ اسان جا قرض وڌي رهيا آهن ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ هن چيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪري اسان جا مطالبا نمظور ڪيا وڃن، اسان کي خدشو آهي ته حڪومت لاڪ ڊائون جي مُدي ۾ 22 آگسٽ تائين واڌ ڪندي، پر اسان کيس چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏهن 9 آگسٽ سومر ڏهاڙي لاڪ ڊائون ختم ڪري ڪاروبار جي اجازت نه ڏني وئي ته دڪانون کولينداسين، ۽ جيستائين لاڪ ڊائون رهيو تيستائين ٽئڪس نه ڏينداسين. سرڪار کي بجلي جا بل به نه ڏينداسين. شرجيل گوپلاڻي چيو ته جيڪي ٻاهران خام مال جا ڪنٽيڪر آيا آهن، اهي لاڪ ڊائون سبب پورٽ کان شهر آڻڻ لاءِ حڪومت ڪا پاليسي ناهي ٺاهي، في ڪنٽيڪر تي واپارين کي 10 لک رپين تائين نقصان ٿئي پيو. لاڪ ڊائون سبب اربين رپين جو نقصان ٿيندوهن چيو ته سنڌ ۾ بيروڪريسي ڪاغذن تي معيشت کي هلائي پئي. جيڪڏهن وفاق ان لاڪ ڊائون جي خلاف آهي ته پوءِ قدم ڇو نه پيا کنيا وڃن؟ فوج کي ڪا ذميواري ڏني وڃي. هن چيو ته اڳ ٿيل لاڪ ڊائون سبب 15 سيڪڙو واپاري بينڪ ڪرپٽ ٿيا آھن، 32 سيڪڙو واپارين پنهنجون ملڪيتون کپائي قرض لاٿو آهي. هاڻي ٻيو اسٽاف به فارغ ڪرڻ جو سوچيون پيا، جنهن سان بيروزگاري وڌندي. اسان کان بندوق جي زور تي ته ٽيڪس ورتو پيو وڃي پر سار نه پئي لڌي وڃي. جميل پراچا چيو ته حڪومت ڪورونا جي نالي تي واپارين تي بم ڪيرايو آھي، حڪومت ائين محسوس ڪرائي پئي ڄڻ سڄي وبا دڪانن تان ئي پکڙجي ٿي. اندروني سنڌ مان مريضن کي ڪراچي آڻي ٽيسٽون ڪرايون ڪرايون  پيون وڃن ۽ انهن جو ملبو ڪراچي جي واپارين تي ڪيرايو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس ھئا ته پ پ اليڪشن ۾ ڇو حصو ورتو؟ ڪاروبار بند ڪيو پيو وڃي ته واپارين کي رليف به ڏنو وڃي. هن چيو ته بنا وياج قرض ڏئي ٽيڪس معاف ڪيا وڃن، گذريل ڪورونا جي لھر دوران به ٽيڪس معاف نه ڪيا ويا، ڪراچي جي معيشت کي برباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف نوٽس وٺن، وزيراعظم صاحب اسان جي مدد ڪري ڪو آرڊيننس جاري ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سومر تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته ٻي صورت ۾ پاڻمرادو ڪاروبار کوليو ويندو.