ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن مختلف شهرن ۾ اڪثر ڪاروباري مرڪز بند رهيا، حيدرآباد، ميرپور خاص، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته ڪجھه شهرن ۾ لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿي سگھيو، انتظاميا ڪارروايون ڪري کليل دڪان، ريسٽورنٽ بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ به وڌو ويو. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ سموريون مارڪيٽون، بازارو، ڪاروباري مرڪز بند رهيا، روڊن تي وک وک تي ناڪا لڳايا ويا، ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ ناڪا لڳائي ماسڪ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تلاشي وٺڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، مختلف روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو، ماڻهن ايس او پيز با به بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ماڻهن جي وڏي تعداد پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ باوجود رڪشن ۾ سفر ڪيو، هڪ رڪشا ۾ 5-5 ماڻهو سفر ڪندا رهيا، وڏي تعداد ۾ شهرين ماسڪ به نه پاتو. ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ساڍا 23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. صوبي ۾ لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙيدار طبقو پريشان رهيو، سڄو ڏينهن روزگار جي ڳولا ڪري هٿين خالي گهر واپس آيا، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ بازارون ۽ مارڪيٽ بند رهيا، ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، جڏهن ته ڏهاڙيدار پورهيت مزدوري نه ملڻ سبب سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان روز ڪمائي روز کائڻ وارا آهيون، لاڪ ڊائون سبب روزگار نه ٿو ملي، ايئن ته بکن ۾ پاهه ٿي وينداسين. هوڏانهن ڪراچي ۾لاڪ ڊائون لاڳو ٿيڻ بعد مختلف هنڌن تي ناڪا لڳائي گاڏين کي روڪيو ويو، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا. ڪورنگي، ڪلفٽن، ڊفينس، شاهراهه فيصل ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس صبح جو سويري ئي ناڪا بندي ڪئي ۽ ٻاهر نڪرندڙ گاڏين کي روڪيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس شهرين جا ڪورونا سرٽيفڪيٽ به چيڪ ڪندي رهي. ٻيلهه سواري ڪندڙن کي پوليس گرفتار ڪيو، درجنين شهرين کي لاڪ اپ ڪيو ويو. ٻين شهرن ڪراچي ايندڙ مسافر بسن کي ڪاٺوڙ وٽ روڪيو ويو، جنهن سبب مسافر سخت پريشان ٿيا، مسافر عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي پيادل ڪراچي ڏانهن روانا ٿيا، ڪاٺوڙ کان ڪراچي 35 ڪلوميٽر آهي، مسافر ساڻا ٿي پيا. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻيلهه سواري ۽ شهرن اندر هلندڙ ننڍين گاڏين جي چرپر تان پابندي هٽائي ڇڏي، ويڪسينيشن لاءِ مسافر بسن کي چرپر جي اجازت،ڪالهه سنڌ جي گھروکاتي طرفان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کير جي دڪانن، بيڪرين ۽ هوٽلن تان وقت جي پابندي ختم ڪئي وئي، هوٽلون صرف هوم ڊليوري ڪري سگھنديون، ٻيلهه سواري تان به پابندي ختم هوندي، شهرن اندر هلندڙ رڪشائن، چنگچين ۽ ٽيڪسين جي چرپر تان پابندي هٽائي وئي جڏهن ته ڪورونا ويڪسينيشن سينٽرن ڏانهن وڃڻ لاءِ بسن، ويگنن ۽ مني بسن تان به پابندي هٽائي وئي آهي، ڪار ۾ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهن تي لڳل پابندي به هٽائي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ويڪسينيشن سينيٽر تائين ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ هلائڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي، جيڪو دڪان، ريسٽورنٽ يا شادي هال کُلندو ته ان کي 30 ڏينهن سيل ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جون سموريون آفيسون بند ڪيون ويون، سرڪاري ملازم گهران ويهي ڪم ڪندا، پرچون، بيڪري، گوشت ۽ ڊيري دڪانن جي وقت ۾ به تبديلي ٿيندي. هن چيو ته جن صنعتن پنهنجي ملازمن جي 100 سيڪڙو ويڪسين ڪرائي آهي، انهن کي ڪم جي اجازت هوندي.