اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) لاڪ ڊائون تي وفاقي وزير ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون اچي ويا، وفاقي وزيرن ۽ گورنر سنڌ جي سنڌ جي فيصلن تي تنقيد، سنڌ سرڪار وفاقي وزيرن جا الزام رد ڪري ڇڏيا، وفاقي وزيرن چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، وفاقي حڪومت سان مشاورت ئي نه ڪئي وڃي، صنعتون کوليون وڃن، سنڌ سرڪار جي ترجمان چيو آهي ته اين سي او سي سان مشاورت ڪئي وئي، وفاقي وزير اجائي واويلا ڪري رهيا آهن، هي معيشت نه پر صحت جو معاملو آهي. تفصيل موجب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال تي اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا، خاص طور صنعتن ۽ ٽرانسپورٽ جي بندش بابت انهن تي نظرثاني جي ضرورت آهي، اسان ڪالهه به ۽ اڄ به پنهنجي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو هو، جنهن جي بنياد تي جزوي تبديلي ڪئي وئي، جيڪا خوشي جوڳي آهي پر اڃا به وڌيڪ ترميم جي ضرورت آهي. اسد عمر چيو ته فيصلن تي عملدرآمد لاءِ اين سي او سي جي ٽيم صوبن سان گڏجي تفصيلي حڪمت عملي بڻائيندي آهي، ان قومي هم آهنگي سان جوڙيل حڪمت عملي الله جي فضل ڪرم سان ڪورونا جي ٽن لهرن کي شڪست ڏني، جيڪڏهن صوبا پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪن ها ته ڪڏهن به اها ڪاميابي نه ملي ها، هن چيو ته اميد آهي ته اڄوڪي اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار سمورن معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪندي ۽ مشاورت سان هڪ اهڙي حڪمت عملي واضح ٿيندي، جنهن سان رياست جا سڀ ٿنڀا گڏجي سنڌ جي عوام جي صحت ۽ روزگار جو دفاع ڪندا. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت جي هدايت جي روشني ۾ حڪمت عملي جوڙي، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، وفاقي وزير حماد اظهر به سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي فيصلي تي تنقيد ڪئي ۽ حليم عادل شيخ جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي چيو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار اهو ئي ڪري رهي آهي، جيڪو مودي سرڪار گذريل سال ڪيو، سنڌ سرڪار کي سکڻ گهرجي ته ڪيئن عالمي سطح تي وبا کي منهن ڏنو پيو وڃي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته لاڪ ڊائون جو سنڌ سرڪار کي نقصان ٿيندو. عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون کي سڄي دنيا ساراهيو آهي، عمران جي قدم جي ڪاپي ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. هوڏانهن گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لڳائڻ بابت صلاح مشورو ئي ناهي ڪيو، اين سي او سي پاران جيڪڏهن اهڙي لاڪ ڊائون جي اجازت ڏني آهي ته حڪومت اجازت نامو ڏيکاري. حڪومتي فيصلي سبب صنعتون متاثر ٿيون آهن، گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪورونا صورتحال بابت پاڪستان جي پاليسين جي پوري دنيا واکاڻ ڪئي آهي. سنڌ حڪومت جي فيصلي سان صنعتون متاثر ٿي رهيون آهن جن پنهنجي ورڪرز جي ويڪسينيشن به ڪرائي آهي ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ بجاءِ سنڌ حڪومت ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لاڳوڪيو آهي. هن چيو ته وفاق سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، مدد ڪئي به وڃي پئي. وفاقي حڪومت 100 سيڪڙو ويڪسين صوبن کي فراهم ڪيون آهن. عمران اسماعيل چيو ته ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪامي جي ذميواري وڏي وزير جي آهي. گورنر چيو ته وڏي وزير کي آڇ ڏيان ٿو ته صدر، وزيراعظم ۽ گورنر هائوس کان جيڪا به مدد گهرجي فراهم ڪئي ويندي. صوبو اڪيلي فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، اهڙن فيصلن سان مُلڪ جي معيشت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورا صوبا گائيڊ لائين تحت ئي هلندا. اهڙا فيصلو نه ڪريو جيڪي آئين ۽ قانون جي خلاف هجن تنهن ڪري ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، پابندين کانسواءِ هر معاملي تي سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون کان پاسو ڪري پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم، وفاقي وزير اسد عمر ۽ فواد چوڌري سان ڳالهه ٿي آهي ۽ ڪالهوڪي صورتحال بابت انهن کي آگاهه ڪيو آهي جنهن تي هنن ٻڌايو ته ان ۾ انڊسٽريز بند ڪرڻ ۽ مڪمل لاڪ ڊائون تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي ۽ ڪرفيو جهڙي لاڪ ڊائون تي به ڪڏهن ڳالهه ٻولهه نه ٿي، هن چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو، هن چيو ته ايڪسپو سينٽر تي هزارين ماڻهو جي پيهه آهي، ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي. هوڏانهن وفاقي وزيرن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي وفاق جي واويلا اجائي آهي، لاڪ ڊائون اين سي او سي جي مشاورت سان لڳايو ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير وفاقي وزير اسد عمر ۽ فيصل سلطان سان ڳالهايو هو ۽ اين سي او سي کي ڪورونا صورتحال کان باخبر ڪيو، اين سي او سي ايئن نه چيو ته لاڪ ڊائون نه لڳايو، مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بندش جي اجازت نه ڏني، ان ڪري سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، هاڻي چيو وڃي ٿو ته اهو اختيار سنڌ حڪومت جو ناهي. هن چيو ته پنجاب ۾ لاڪ ڊائون تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو، لاڪ ڊائون معيشت نه صحت جو معاملو آهي، اسان پنجاب ۾ لاڪ ڊائون تي اعتراض نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته بوزدار لاهور جي معاملن کي بهتر سمجھي ٿو، اهڙي ريت اسلام آباد وارن کي ڪراچي جي سنگيني جو علم ناهي، نجي اسپتالون ڀرجي چڪيون آهن، سرڪاري اسپتالن تيزي سان ڀرجي رهيون آهن، هي سياستدانن جو نه پر طبي ماهرن جو ڪم آهي، ڊاڪٽرز جي مشاورت سان لاڪ ڊائون لڳايو آهي. ٽاسڪ فورس جي طبي ماهرن چيو ته ڊاڪٽر ٿڪجي پيا آهن، انهن کي وائرس لڳي رهيو آهي. هن چيو ته اين سي او سي سان رجوع ڪرڻ باوجود بيان بازي ڪئي وئي، ويڪسينيشن مهم سست رفتاري جو شڪار هئي، هن چيو ته ٽاسڪ فورس سختي جو فيصلو ڪيو ته اسان سم بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن بعد ويڪسينيشن مهم ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته وفاقي حڪومت سان معاملا طئي ڪريون پر بدقسمتي سان هي ٽي وي تي اچن ٿا ته سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته آئون هنن کي گذارش ٿو ڪريان ته ڪورونا کي سياسي ميدان ۾ نه آندو وڃي، اسان کي هن وبا کان عوام کي بچائڻو آهي، آئون بيان بازي ڪندڙن کي چوان ٿو ته بيانن بدران عوام کي قائل ڪريو ۽ خدارا ڏڦيڙ نه پکيڙيو. هن چيو ته نرميون ڪيون آهن، جيڪڏهن ڪو شادي هال، دڪان يا فيڪٽري کليو ته اُن کي 30 ڏينهن لاءِ سيل ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب اين سي او سي سان شيئر ڪيل دستاويز پريس ڪانفرنس ڪري ڏيکاري ڇڏيا.