مبارڪپور: نور واھ ۾ ٻڏي ويل نوجوان 22 ڪلاڪن بعد لاش هٿ

0
275

مبارڪپور(ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان نور واھ ۾ وهجندي ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو، گذريل ڏهاڙي نور واھ ۾ وهجندي ٻڏي ويل 20 ورهين جو نوجوان شهزادو ولد عمران سومرو جو لاش ڳوٺ جهنگل ڪٽو وٽان اچي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان شھزادو سومرو ڪراچي رهندو هو جيڪو يارهين جا پيپر ڏيڻ لاءِ ڳوٺ شاهل سڌايو ۾ آيو هو جتان کيس دوست پڪنڪ ملهائڻ لاءِ نور واھ تي وهجڻ لاءِ وٺي آيا هئا.