اسلام آباد / ڪراچي (نمائندن وٽان ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جي شدت برقرار آهي، 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح تقريبن ساڍا 8 سيڪڙو رهي، وڌيڪ 4950 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ 65 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا، اڳوڻو چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سندس گهرواري ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا، ذريعن موجب ڪورونا ۾ مبتلا اڳوڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سندس گهرواري کي گهر ۾ ئي آئسوليشن جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻئي پاسي اڳوڻو وفاقي وزير احسن اقبال به ٻيهر ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي ۽ ماڻهن کي دعائن جي اپيل سان گڏ دخواست ڪئي آهي ته اهي ماسڪ پائين ۽ ايس او پيز تي عمل ڪن. هوڏانهن اردو ٻولي جو مشهور شاعر ۽ اديب نقاش ڪاظمي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو. نقاش ڪاظمي ”رنگ  سفر“، ”دامنِ گُل“ ۽ ”ميراث“ جو مصنف هو، سندس مجموعو ڪلام چاندني ۽ سمندر جي نالي سان شايع ٿيا هئا. نقاش ڪاظمي کي صدارتي ايوارڊ تمغه حسن جي ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو. مرحوم نقاش ڪاظمي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ به فعال ڪردار ادا ڪيو ۽ هن لسانيات، اردو ادب ۽ پوليٽيڪل سائنس  ۾ ماسٽرز ڪئي هئي. ٻئي پاسي اين سي او سي موجب پنجاب ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو، لاهور ۾ 7، پشاور ۾ 10 ۽ بلوچستان ۾ مجموعي شرح 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ رڪارڊ 9 لک 4830 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪالهه ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2772 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 30 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 607 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. وڏي وزير مراد علي شاھ جي پڌرائي موجب ھن وقت 44438 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 43000 مريض گهرن ۾، 1399 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 39 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. 1221 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن مان 108 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ۾ 2200 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، حيدرآباد ۾ 122، ٺٽي ۾ 67، ڄامشوري ۾ 43، ميرپورخاص ۾ 34، نوشھروفيروز، سانگھڙ ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن ۾ 27_27، مٽياري ۾ 13، ٽنڊو محمد خان ۾ 10، گھوٽڪي ۾ 5، جيڪب آباد ۾ 4، خيرپور ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نوابشاھه ۽ سکر ضلعن ۾ 2_2، ٿرپارڪر، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ ھڪ ھڪ وڌيڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن ڀٽ شاهه واسي سيد عابد شاهه ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو، عابد شاهه ولد سيد امام علي شاهه ڪورونا مرض سبب گمبٽ گمس اسپتال ۾ داخل هو. ٻئي پاسي چوھڙجمالي ۾ صحافي ۽ مقامي پ پ اڳواڻ جاويد طيب ميمڻ ڪورونا وگهي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. کيس ڪجهه ڏينهن کان ساھ جي تڪليف سبب حيدرآباد اسپتال داخل ڪيو ويو ھو. جڏهن ته ٽنڊوباگو ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳي. تعلقي ٽنڊوباگو جا 25 ڄڻا وٺجي ويا، جن مان 15 ڄڻن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي. جڏھن ته 10 کان وڌيڪ متاثر مريضن کي بدين، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.