پنجاب ۾ وڏ وزارت جي چونڊ لاءِ داخل درخواست تي رجسٽرار جا اعتراض ختم

0
222
حمزه شهباز جي حلف

لاھور: پنجاب ۾ وڏ وزارت جي چونڊ لاءِ داخل درخواست تي رجسٽرار جا اعتراض ختم، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيڪريٽري اسيمبلي ۽ انتظامي عملدار پرويز الاهي جا غيرقانوني حڪم مڃي رهيا آهن

 پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ بنا جواز دير ڪئي پئي وڃي، آئين جي آرٽيڪل 130 تحت وڏي وزير جي چونڊ تائين اسيمبلي جو اجلاس ملتوي نٿو ڪري سگهجي، درخواست ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌُر بڻايو ويو

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تھ پنجاب ۾ وڏي وزير جو عھدو خالي آھي ۽ ان تي جلد کان جلد اليڪشن ڪرائي وڃي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ سيڪريٽري اسيمبلي ۽ انتظامي آفيسر پرويز  الاھي جا غيرقانوني قدم مڃي رھيا آھن ۽ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ بلا جواز دير ڪئي پئي وڃي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ جيستائين وڏي وزير جي چونڊ نھ ٿئي تيستائين آرٽيڪل 130 جي تحت اسيمبلي جو اجلاس ملتوي نٿو ڪري سگھجي

درخواست ۾ جن ماڻھن کي ڌر بڻايو ويو آھي ان جي باري ۾ چيو ويو آھي تھ ھو پنھنجي فرضن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، عدالت جلد کان جلد حڪم جاري ڪري ۽ چونڊ کي ممڪن بڻائي

ھي به پڙھندا

ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم غير آئيني قرار: سپريم ڪورٽ جو فيصلو