ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم غير آئيني قرار: سپريم ڪورٽ جو فيصلو

0
267
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ  قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي 3 اپريل جي رولنگ تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ متفقه طور تي فيصلو ٻڌايو ته ڊپٽي اسپيڪر جي 3 اپريل جي رولنگ ۽ قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ غير آئيني آهي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي کي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي 9 اپريل تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڇنڇر جي صبح 10 وڳي ٿيڻ گهرجي، صدر جي نگران حڪومت جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي وڃي ته پوءِ اسيمبلي کي وڃڻ گهرجي. نئون وزيراعظم چونڊيو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي