سڳيون: مبينا پوليس جي تشدد ۾ نوجوان فوت، راڻيپور قومي شاهراهه تي ڌرڻو

0
164

سڳيون/راڻيپور (نمائندن وٽان) سڳيون ڀرسان ڳوٺ مصر خان مڱڻيجو جو رھواسي لال بخش منگڻينجو مبينا پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿي ويو، وارثن الزام هنيو آهي ته ايس ايڇ او سوڀيديرو اڪبر عالماڻي وڏيري جي ونگار وھندي اسان جي نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي

ايس ايڇ او سوڀيديرو اڪبر عالماڻي لال بخش منگڻيجو کي پنج ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو هو، فوتي نوجوان جي وارثن راڻيپور قومي شاهراھ تي لاش رکي ٽائرن کي باهه ڏني،ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي