اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪاٿي جي لحاظ سان پاناما ڪيس کان وڏي ڪهاڻي آهي، هي ڪيس اٽڪل 1242 ملين رُپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي، هن چيو ته حديبيه پيپر ملز ڪيس جي شروعات 2000ع ۾ ٿي، نيب ملز خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو، نيب اسڪينڊل جي نشاندهي ڪئي ته شريف خاندان رياست ۽ حڪومتي ادارن سان دوکو ڪيو، مامرو احتساب عدالت ۾ آيو ته شريف خاندان ڊيل ڪري سعودي عرب هليو ويو، فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ٿيل ناني ويڙهو به ڪيس ٻيهر روڪرائي ڇڏيو، چيو ويو ته نيب چيئرمين جي صحيح نه هجڻ سبب ڪيس نٿو هلي سگهي. فواد چوڌري چيو ته ايتري جاچ بعد هن ڪيس جو هڪ ڏينهن به عدالتي ٽرائل نه ٿيو، ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو ڏيندڙ جج صاحب جي به ٻاهرين ملڪ اثاثن جو انڪشاف سامهون آيو آهي پر بدقسمتي سان ان جج خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي، اميد آهي ته انهن ججن خلاف ڪارروائي ڪندي جن شريف خاندان جي مدد ڪئي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هن ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون به سامهون آيون آهن جن تي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.