اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ نه پر ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جهانگير ترين کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪنهن سان به ناانصافي ناهيان ڪندو ڀلي حڪومت هلي وڃي پر کنڊ مهانگي ڪندڙ مافيا کي اين آر او نه ڏيندس، جيستائين جيئرو آهيان شريفن کي نه ڇڏيندس، ڪشمير ابت 5 آگسٽ وارو قدم واپس ٿيڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. ڀارت چين جي مقابلي ۾ آيو ته تباهه ٿي ويندو، ڪراچي پيڪيج تيار ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري ان ڪري اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي. عوام ماسڪ پائي، ڪورونا مرض ۾ اضافو ٿيو ته مجبوري ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب متاثر ٿيندا. وزيراعظم ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ نواز جو صدر شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ نه پر ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن تي 700 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس آهي، هن تي ڪيسز جا ڪتاب آهن، هنن جا ٻار اربين رپين جي گهرن ۾ رهن پيا اهي پئسا ڪٿان آيا؟ائين ٿيڻ نه ڏيندس ته وڏن چورن کي ڇڏي ڏيون، ويچارا عام قيدي جيلن ۾ ڳري وڃن. پرويز مشرف آصف زرداري ۽ نواز شريف کي اين آر او ڏنو ان ڪري اسان قرضي ٿي وياسين، مون کي خدا جو خوف آهي الله کي جوابدا آهيان، جيستائين جيئرو آهيان اين آر او نه ڏيندس، ۽ نه ئي شريفن کي ڇڏيندس. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهانگير ترين چوي ٿو ته ساڻس ناانصافي ٿي آهي، مون کيس واضح چيو آهي ته مخالفن سان به ناانصافي نه ڪندو آهيان، مون ڪنهن سان ناانصافي ناهي ڪئي، مون پنهنجي مخالفن سان به ناانصافي ناهي ڪئي، ڪو ٻڌائي مون ڪوڙو ڪيس ٺاهيو، ڀلي حڪومت هلي وڃي، کنڊ مهانگي ڪري عوام کي تڪليف ڏيندڙ مافيا کي اين آر او نه ڏيندس، ڪنهن به مافيا سان رعايت نه ٿيندي، ڪنهن سان ناانصافي به ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر وارن سان ناانصافي ٿيڻ ناهيان ڏيندو ته پوءِ پنهنجي پارٽي وارن سان ڪيئن ناانصافي ٿيڻ ڏيندس. هن چيو ته سائيڪل، مينهن ۽ ڳئون جي چوري سان ملڪ کي نقصان ناهي ٿيندو، وزيراعظم ۽ وزير پئسو چوري ڪن ته ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي. ۽ اهو پيسو مني لانڊرنگ جي ذريعي پرڏيهه موڪليو ويندو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته هر سال هڪ هزار ارب ڊالر غريب ملڪن کان چوري ٿي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو وڏو مسئلو قانون جي عدم بالادستي آهي جنهن جو بنياد جسٽس منير رکيو ۽ آمريت جي اجازت ڏني تڏهن کان انصاف ڪڏهن آيو ئي ڪو نه. جسٽس منير نظريه ضرورت تحت مارشل لا جي اجازت ڏني ته ملڪ ۾ قانون بدران طاقتور جي حڪمراني اچي وئي. ڊيموڪريٽس کي ته قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ گهرجي ها، پاڻ کي جمهوري سڏيندڙ نواز شريف سپريم ڪورٽ تي ڏنڊن سان حملو ڪرايو ۽ چيف جسٽس کي ڪڍڻ لاءِ ٻين ججز کي پئسا ڏنا. مافيا ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، اها مافيا نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي، اُن لاءِ جمهويت جي نالي تي هر قسم جا حربا استعمال ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته مافيا خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون، عوام منهنجو ساٿ ڏئي، مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس. حڪومت قانون جي بالادستي رکڻ لاءِ نيب جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي. هن چيو ته سياسي ماڻهن 30 سالن تائين ملڪ کي لُٽيو، کنڊ مافيا به نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي. هن چيو ته انساني تاريخ ۾ ترقي ڪيل قومن سدائين قانون جي بالادستي کي اهميت ڏني. وزيراعظم چيو ته هڪ انسانن ۽ ٻيو جانورن جو قانون آهي، ٻيو نمبر قانون ۾ طاقت جي بالادستي آهي، جيترو سٺو قانون هوندو ڪمزور ۽ طاقتور هڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته مان پاڪستان سان گڏوگڏ وڏو ٿيو آهيان ڪرڪيٽ سبب سموري دنيا ڏٺي ۽ اتان جو سسٽم ڏٺو دنيا جي تاريخ آهي ته جيڪا قوم مٿي وئي اها قانون جي بالادستي سبب مٿي وئي. بهترين معاشري ۾ قانون غريب کي تحفظ ڏيندو آهي. مديني جي رياست ان لاءِ عظيم بڻي ڇو ته ان ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر هو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ اقليتن ۽ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي، هر هر ٻڌندو آهيان ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر اڄ واضح ٿو ڪريان ته ڪشمير بابت 5 آگسٽ وارو قدم واپس ٿيڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، اولهه جي ملڪن کي خوف آهي ته چين ترقي ۾ اڳتي نڪري ويندو، تنهن ڪري ڀارت کي چين اڳيان آڻڻ جي چاهين ٿا، ڀارت چين جي مقابلي ۾ آيو ته تباهه ٿي ويندو. اولهه جي ملڪن ڀارت کي چين جي خلاف معاشي ويڙهه لاءِ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڪري ڪشمير ۾ ظلمن تي خاموش بڻيل آهن. هن چيو ته جڏهن ڪنهن انساني بحران جي معاملي ۾ ڀارت جو نالو ايندو آهي ته اولهه جا ملڪ پنهنجي مفادن جي ڪري خاموشي اختيار ڪري وٺندا آهن ته ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جا ظلم ڪهڙا آهن. وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي کي پاڻي مسئلي جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي، ڪجهه سالن ۾ سمورن وڏن شهرن ۾ پاڻي جو مسئلو پيدا ٿيڻ وارو آهي، حڪومت ماسٽر پلان تيار ڪيو آهي ته جيئن وڏن شهرن کي هاءِ رائيز (اوچيون عمارتون ٺاهڻ) جو موقعو ملي. هن چيو ته اسان ڪراچي پيڪيج تيار ڪيو آهي، 18هين ترميم کانپوءِ 57 سيڪڙو صوبن کي هليو ٿو وڃي، 18هين ترميم کانپوءِ سمورا اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، وفاقي حڪومت صوبن کي پئسا ڏئي چڪي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ 400 رپين جو فرق هو، سنڌ ۽ پنجاب وٽ ڪڻڪ سرپلس آهي، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ڪڻڪ رليز نه ڪئي، جنهن ڪري بحران پيدا ٿيو. هن ڪورونا جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻئي لهر ۾ قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو. ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ آهي. عيد موڪلن ۾ سخت احتياط جي ضرورت آهي. ڀارت ۾ ماڻهو روڊن تي مري رهيا آهن، آڪسيجن جي کوٽ آهي، ڀارت ۾ 22 ڪروڙ ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن ماسڪ پائڻ سان ڪورونا ڦهلاءُ جو خطرو 50 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڪيسز تيزي سان مٿي نه پيا وڃن جيڪا خوشي جوڳي ڳالهه آهي عيد تي احتياط نه ڪيو ته حالتون ڪنٽرول مان نڪري سگهن ٿيون، شهري عيد جي موڪلن ۾ پنهنجي گهرڀاتين جو خيال رکن، بند ۽ رش وارين جاين تي لازمي طور ماسڪ پايو، بي احتياطي سان ڪورونا وڌي سگهي ٿو، نتيجي ۾ حڪومت کي مجبوري ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. ته لاڪ ڊائون لڳائڻ تي مجبور نه ٿي وڃا ڇو جو ان جو وڏو نقصان غريبن کي ٿيندو آهي قوم ڪورونا وائرس بابت ايس او پيز تي عمل ڪري، عيدالفطر جي موڪلن ۾ پنهنجي قوم ۽ ماڻهن جو خيال رکو، ايس او پيز جو جيترو خيال رکبو، اوترو جلد ان ڏکي وقت کان نڪري وينداسين. وزيراعظم ڀارت ۾ ڪورونا سبب پيدا ٿيل حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ بيهجي ويو آهي يعني ۾ معمول کان وڌيڪ واڌ ناهي ٿي رهي جڏهن ته ڀارت بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ڀارت ۽ آمريڪا کان به سستو آهي ته جيئن ماڻهن کي مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي، مهانگائي رڳو پاڪستان جو نه پر ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي آيل آهي. هن چيو ته مهانگائي بابت ٽي وي تي ڏاڍيون ڳالهيون ٿينديون آهن، اپوزيشن جوته اهو ڪم آهي ڳالهيون ڪرڻ پر ميڊيا جڏهن چوي ٿي ملڪ تباهه ٿي ويو، هي به غلط، هو به غلط، مڃيم ته مهانگائي آهي پر مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت کي اڍائي سال ٿيا آهن پر 50 سالن خاص طور تي گذريل 30 سالن ۾ حڪومتن ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته نوازشريف مون کي پنهنجي ڊڪليئر فليٽ تي انتقام جو نشانو بڻايو پر هاڻ پاڻ ڀڄي ويا آهن، هي لنڊن ۾ جن علائقن ۾ رهن ٿا اتي برطانيا جو وزيراعظم به نٿو رهي، آئون حڪومت ۾ هجان يا نه هنن کي تيستائين نه ڇڏيندس جيستائين ملڪ جو پئسو واپس نٿا ڪن. هن چيو ته نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر هليو ويو، سندس پٽ ٻاهر آهن، هن چوري ناهي ڪئي ته عدالتن کي منهن ڇو نٿو ڏئي؟ عدالتون آزاد آهن، توهان بيڏوهي آهيو ته پاڪستان اچو، مريم نواز جي نالي تي لنڊن ۾ 4 وڏا وڏا محل آهن، جيستائين جيئرو آهيان شريف خاندان کي نه ڇڏيندس، هن ڀيري شريف خاندان کي اين آر او نه ملندو. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي خساري واري معيشت ملي، اسان جو ڏيوالو نڪري چڪو هو، ڪنهن کي نه پئي لڳو ته اسان جي خزاني ۾ اضافو ٿيندو، اسان ايڪسپورٽ ۾ 13.5 سيڪڙو اضافو ڪيو، اڄ ٽيڪسٽائل جو ليبر نه پيو ملي، ٽيڪس ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽويوٽا وارن تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گاڏيون وڪرو ڪيون آهن ان جو مطلب ته ڪجهه ته ٿي رهيو آهي، پر هي ماڻهو ويهي مايوسي پکيڙيندا آهن ته ڪجهه نه پيو ٿئي.