اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پرڏيهه ۾ پاڪستان جي سفارتخانن تي ڪيل تنقيد ۽ پنهنجي تقرير لائيو نشر ٿيڻ ي يوٽرن وٺندي سفارتخانن جي ڪارڪردگي کي بهتر قرار ڏنو. لائيور پروگرام دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پرڏيهه ۾ اسان جا سفارتخانا ۽ پرڏيهي آفيس سفارتڪاري جي حد تائين زبردست ڪم ڪيو آهي، هنن ڪشمير ڪاز کي زبردست نموني کنيو آهي. هن چيو ته منهنجو سفارتڪارن کي خطاب لائيو نشر نه ٿيڻ گهرجي ها، پر ان جا ساٽس اماڻڻ گهرجن ها. هن چيو ته ان پروگرام ۾ ائين لڳو ته آئون سڄي پرڏيهي آفيس کي ئي خراب چئي رهيو آهيان، ائين ناهي هو زبردست ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شڪايتن جي ازالي لاءِ سفارتخانن ۾ پورٽل جوڙڻ جو چيو آهي، پرڏيهي وزير جي ماتحت هڪ ماڻهو ان پورٽل تي نظر رکندو، قونصليٽ سروس کي بهتر بڻائڻو آهي، سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ به سفارتخانا ڪم ڪندا.