ڳڙهي خيرو: ايس ايچ او دوداپور عزيز قريشي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان اطلاع ملڻ بعد واقعي واري ھنڌ پھتاسين، نفري گھٽ ھئي ۽ بڪتر گاڏي نه ھجڻ ڪري جاءِ واردات وٽ نه پهچي سگهياسين،  ان باوجود اسان ڪوشش ڪري فائرنگ بند ڪرائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو. ھاڻي حالتون پوليس جي ڪنٽرول ۾ آھن، سندس چوڻ ھو ته قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد حوالي ڪيو آھي.